سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن لاءِ وڏي خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس 17 جون اربع جي ڏينهن طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت نئين مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ پيش ڪندي.
وڏو وزير مراد علي شاهه پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ ڏهون ڀيرو سنڌ جي بجيٽ پيش ڪندو، جنهن لاءِ ناڻي کاتي لاڳاپيل کاتن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
بجيٽ جي حتمي منظوريءَ لاءِ ساڳئي ڏينهن سنڌ ڪابينا جو اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي.
نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو، مزدورن جي اُجرت ۾ 20 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 8 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي.
صوبائي ترقياتي بجيٽ جو حجم تقريبن 800 ارب رپيا رکڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ موسمياتي تبديلي، صحت ۽ تعليم جي منصوبن کي خاص اهميت ڏني ويندي.
اسيمبلي ۾ بجيٽ تي 5 ڏينهن تائين بحث جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.