ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سردارن جي ڪمداري پيو ڪري:ام رباب

ميهڙ(ن ع آ) ام رباب چانڊيو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ناصر آفتاب پاران جاري ڪيل پريس رليز بابت پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي  ته اوهان سردارن جي ڪمداري ڪري رهيا آهيو. پريس رليز ۾ پهريون ڪوڙ ته ام رباب پاران اڳ به ان ايس ايڇ او بابت شڪايت ڪئي هئي پر اهو سراسر ڪوڙ آهي . پوليس پاران پاڻ  سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ پاڻ  اعتراف ڪيو هيو تو مذڪوره ايس ايڇ او جي مقرري غلط ۽ سياسي بنيادن تي آهي. ان ڪميٽي ۾ ڊي آءِ جي پاڻ  به ميمبر هيو جنهن پاڻ  چيو هيو ته هي ماڻهو جوابدارن کي بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي انهن کي ڄاڻ ڏئي رهيو آهي مان ڊي آءِ جي 3 ڏينهن پهرين شڪايت ڪئي هئي هي واقعو هڪ سانحي کان گهٽ ناهي  هڪ نياڻي انصاف لاءِ دربدر هجي ته ان کي هراسان ڪيو وڃي. ڊي آءِ جي جي پريس رليز به اسان کي هراسان ڪرڻ برابر آهي اوهان مون کي ڊيڄاري نه ٿا سگهو اوهان مون کي روڪي نه ٿا سگهو مان عورت ضرور آهيان پر ڪمزور ناهيان. انشاالله آخري دم تائين وڙهنديس

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.