لاڙڪاڻي رينج جي ترجمان ام رباب چانڊيو جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي/ لاڙڪاڻو (نمائندا) لاڙڪاڻي رينج جي ترجمان ام رباب چانڊيو پاران ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو تي لڳايل الزامن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، لاڙڪاڻي رينج جي ترجمان ام رباب چانڊيو پاران سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو بيان ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو رينج تي لڳايل الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ مقرر ايس ايڇ او انسپيڪٽر امداد چانڊيو اتي جو ايس ايڇ او آهي، ام رباب طرفان لڳايل الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل ضلعن جا ايس ايس پيز پاڻ مقرر ڪيا ويندا آهن بغير ڪنهن مداخلت جي، غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو يا ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

  • شاهدره ۾ پي ٽي آءِ کي ڪارنر ميٽنگ ڪرڻ جي اجازت

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ شاهدره ۾ 19 نومبر تي پي ٽي آءِ کي ڪارنر گڏجاڻي ڪرڻ  جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي پي ٽي آءِ شاهدره جي اميدوار اڪمل خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن جي حوالي سان لاهور جي علائقي شاهدره ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪرڻ چاهيون ٿا، عدالت انتظاميه کي ڪارنر گڏجاڻي جي اجازت جو حڪم ڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.