سياسي وفاداريون تبديل ڪرائڻ تي ڳڻتي، پي ٽي آءِ کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏيو:صدر جو نگران وزيراعظم کي خط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي سطحي راند جي ميدان ۽ بنيادي حقن بابت خدشن تي غور  ڪيو وڃي.صدر پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جو لکيل خط به نگران وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو آهي.صدر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته نگران حڪومت لاءِ تمام ضروري آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪري، بنيادي حقن ۽ليول پليئنگ فيلڊ تي پي ٽي آءِ جي خدشن تي غور ڪيو وڃي، سياسي پارٽين کي برابري جا حق ۽ موقعا ملڻ بابت توهان جا بيان اطمينان بخش آهن.صدر چيو آهي ته هو سمجهن ٿا ته جمهوريت ئي عوام ۽ پاڪستان جي رياست لاءِ صحيح رستو آهي، سياسي سرگرمين ۾ عوام جي شرڪت ۽ آزاد ميڊيا ذريعي راءِ جو اظهار جمهوريت جي روح آهي.صدر موجب آزاد، منصفاڻي ۽ مستند چونڊن تي سڄي پاڪستان ۾ اتفاق آهي، سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق آهي ۽ عوام کي انهن کي چونڊڻ جو حق حاصل آهي،صدر چيو ته آئين جي آرٽيڪل 41 تحت صدر، وزيراعظم ۽ سمورا ادارا شهرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ جا پابند آهن سياسي وابستگي رکندڙ ماڻهن جي جبري گمشدگين جي وڌندڙ واقعن بابت ميڊيا ۾ بحث هلي رهيو آهي، ماڻهن جون سياسي وابستگيون ۽ وفاداريون بدلجڻ تي اهڙا واقعا ڳڻتي جو سبب بڻجن ٿا، عورت سياسي ڪارڪنن جي ڊگهي نظربندي يا عدالت پاران رليف کانپوءِ ٻيهر گرفتاريون معاملي  کي وڌيڪ حساس بڻائين ٿيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.