بدامني ۾ غيرقانوني پرڏيهي ملوث آهن،افغان اڳواڻن جون ڌمڪيون افسوسناڪ آهن: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغان اڳواڻن جي ڌمڪين واري بيان کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ ۾ غير قانوني پرڏيهين جو هٿ آهي.اسلام آباد ۾ پريس  ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان شهرين کي کليل دل سان ڀليڪار ڪيو، افغان عبوري حڪومت کي افغانستان ۾ پاڪستان کي گهربل دهشتگردن جي لسٽ به ڏني وئي، دهشتگردن بابت معلومات افغان حڪومت سان به شيئر ڪئي وئي پر افغانستان پاڪستان مخالف دهشتگردن خلاف ڪو به ٺوس قدم نه کنيو.غيرقانوني طور تي رهندڙ افغانين جي واپسي تي دهشتگردي جي واقعن ۾ تازي واڌ بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته اسان کي ڪجهه خدشا آهن، اسان الرٽ آهيون ۽ سمورن رخن تي غور ڪري رهيا آهيون، چاهي ڪجهه به ٿئي ان پاليسي کان پوئتي نه هٽنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته افغان اڳواڻن جي تازن بيانن کانپوءِ حملن ۾ اضافو معني معنيٰ آهي، رضاڪاراڻي طور تي آيل افغان شهرين کي عزت سان واپس موڪليو پيو وڃي، پاڪستان تي ڪنهن به ملڪ جو دٻاءُ ناهي، هن چيو ته آمريڪي هٿيار هاڻي بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن، ثبوت سامهون اچي ويا،هن چيو ته  مون تي ڪو به دٻاءُ ناهي، آمريڪا يا ٻيو ڪو ملڪ مون تي دٻاءُ نٿو وجهي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.