سنڌ هاءِ ڪورٽ آغا سراج دراني جا مچلڪا ضبط ڪري ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آغا سراج دراني جي  10 لک رپين جي مچلڪن واري رقم ضبط ڪري ورتي، شوئرٽي واري رقم جي واپسي بابت درخواست رد ڪئي وئي آهي، عدالت  رمارڪس ۾ چيو ته لياري ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ 30 نومبر 2021ع تي آغا سراج دراني گرفتاري کان بچڻ لاءِ حفاظتي ضمانت حاصل ڪئي هئي، عدالت چيو ته،جوابدار کي 10 ڏينهن اندر احتساب عدالت آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، آغا سراج دراني عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي، آغا سراج دراني جي وڪيل چيو ته آغا سراج دراني احتساب عدالت ۾ سرينڊر ڪرڻ پئي چاهيو پر پيش نه ٿي سگهيو، جسٽس ظفر راجپوت چيو ته جيڪڏهن آغا سراج دراني  سرينڊر ناھي ڪيو  ته پوءِ نتيجا ته ڀوڳڻا پوندس، سنڌ هاءِ ڪورٽ آغا سراج دراني جي ضمانت جي شوئرٽي واري رقم جي واپسي بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.