پني عاقل ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو ڌرڻو

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل ۾ بدامني جي خلاف سول سوسائٽي ۽ مذھبي ڌرين پاران پنوعاقل ٿاڻي آڏو پنوعاقل پوليس  خلاف ڌرڻو هنيو ويو، سول سوسائٽي ۽ مذھبي ڌرين پاران شھر ۾ وڌيل بدامني ۽ چورين جي وارداتن خلاف ٿاڻي آڏو ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، ڌرڻي ۾ جمعيت علماءِ اسلام اڳواڻ، ڪارڪن، شهري سول سوسائٽي جي اڳواڻن سميت رات جي وقت سٽي ٿاڻي تي ويھي رھيا، اڳواڻن چيو ته شھر ۾ بدامني جي باھ ٻريل آھي چار ڏينهن اڳ مدرسي ٻاھران چوري ٿي پوليس چور پڪڙڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي، چوري ڪندڙ پوليس جي وردي ۾ ملبوس ھئا ايئن لڳي ٿو ڄڻ پوليس اھلڪارن چوري ڪئي آھي، ٻن ڪلاڪن کان ٿاڻي تي ڌرڻو ھڻي ويٺل آھيون پر ايس ايڇ او ملڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ايس ايس پي سکر ۽ ڊي آءِ جي سکر نوٽيس وٺي بدامني جي باھ تي ضابطو آڻڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺي بدامني تي ضابطو آڻي ۽ ٿيل ڏوھ ريڪور ڪرائي ڏنا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.