غيرقانوني پرڏيهين جا حمايتي عالمي سامراج جا ايجنٽ آهن:لال جروار

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ڊاڪٽر رسول بخش  خاصخيلي پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته غير قانوني افغانين جي واپسي جي مخالفت ڪندڙ سنڌ ۽ ملڪ جا دشمن آهن، غير قانوني افغانين جا حمايتي عالمي سامراج آمريڪا جا ايجنٽ آهن، لکين افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي سالن کان پاڪستان ۾ رهن ٿا، غير قانوني غير ملڪين جي وڌندڙ تعداد سبب اغوا، منشيات، اسمگلنگ، هٿيارن جي ڪاروبار ۽ ٻين ڏوهن ۾ وڏي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي،  آمريڪي سامراج جي اشاري تي غير قانوني افغانين جي حمايت ڪندڙ سنڌ جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري غير قانوني افغانين جي حمايت ڪري سنڌي قوم جي وجود مٿان حملو ڪيو آهي. غير قانوني افغانين جي حمايت ڪرڻ تي زرداري سنڌ جي عوام کان معافي وٺي، پيپلز پارٽي گذريل 15 سالن دورران وڏي تعداد ۾ غير قانوني افغانين کي ملڪ ۾ رهائڻ لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪري ڏنيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.