سائفر ڪيس: عمران خان پاران فرد جرم لاڳو ڪرڻ وارو فيصلو چئلينج

اسلام آباد  )م  ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سائفر ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ طرفان فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين وڪيل حامد خان جي ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ سائفر ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جي فرد جرم واري ڪارروائي کي چئلينج ڪيو ويوآهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته درخواستگذار کي مخالفن پاران سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. درخواستگذار خلاف 200 جي لڳ ڀڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جعلي ڪيس ٺاهڻ لاءِ رياستي مشينري استعمال ڪئي پئي وڃي. عدالت اسپيشل ڪورٽ جو  23 آڪٽوبر تي فرد جرم وارو حڪم آئين ۽ قانون جي خلاف قرار ڏئي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو  26 آڪٽوبر جو حڪم مامو به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.