فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ پير جا جزا ميچ ٿي ويا

ڪراچي ( رپورٽر ) نگران قانون انساني حقن واري وزير عمر سومرو  چيو آهي ته پيرن جي حولي ۾ ڪم ڪندڙ فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ خيرپور وڃڻ ٿيو، پير جا ڊي اين اي ميچ نه ٿي رهيا هئا، صحت کاتي جي آفيسرن پير سان لاڳاپن جي بنياد تي جزا تباهه ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن پنجاب مان ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ته جزا ميچ ٿيا ڪراچي ۾ نيشنل جڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمر سومرو چيو ته ايپڪس  ڪميٽي ۾ شامل هئس، اجلاسن ۾ بريفينگ به ڏني وئي، قبائي سردار ۽ عوامي نمائنده ڪچي جي ڌاڙيلن جا سرپرست هئا. عمر سومرو چيو ته  شڪارپور جي اسپتال جو دورو ڪيو، حالت خراب هئي، دعا آهي ته معززين جا ٻار به سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪرائين. نگران صوبائي وزير عمر سومرو چيو ته شڪارپور ۾ آسٽرو ٽرف گرائونڊ اڳوڻي صوبائي وزير جي پيءُ جي نالي تي ٺاهيو ويو، ڊي سي عوامي جڳهن جي نالن رکڻ بابت قانون جو جسٽس صلاح الدين پنهور جو آرڊر ڏيکاريو، پر ٽي هفتا گذرڻ باوجود گرائونڊ جو نالو تبديل ناهي ڪيو ويو.

ايس ايس پي خيرپور پاران  فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ پير جا جزا ميچ ٿيڻ جي ترديد

خيرپور(ڊ ر ) راڻيپور ۾ پير جي حوالي ۾ ڪم ڪندڙ فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ ڊي اين اي جزا ميچ ٿيڻ واري خبر جي ايس ايس پي خيرپور ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر پاران ترديد ڪئي وئي آهي. عوامي آواز پاران ايس ايس پي خيرپور سان رابطو ڪيو ويو ۽ نگران وزير عمر سومر پاران ڊي اين اي ميچ ٿيڻ واري خبر بابت سوال ڪيو، جنهن تي سميع الله سومرو چيو ته لاهور مان ڪرايل رپورٽ ۾ ڊي اين اي ميچ ٿيڻ جو ڪو به ليٽر ناهي مليو،  ايس ايس پي خيرپور چيو ته سوشل ميڊيا تي واويلا ڪئي پئي وڃي، فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ميرٽ جي بنياد تي ھلايو پيو وڃي.ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو چيو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي جڏھن ته اهڙي رپورٽ جاچ آفيسر لاڳاپيل عدالت ۾ به جمع ڪرائي آهي.

  • فاطمه ڪيس: اسد شاهه ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم جي تاريخ مقرر

خيرپور(ڊ ر)راڻيپور جي حويلي ۾ قتل ڪيل فاطمه ڦرڙو ڪيس جي مک جوابدارن جو جاچ آفيسر پاران عدالت ۾ چالان پيش ڪيو ويو واقعي جي جاچ آفيسر عبدالقدوس ڪلوڙ اي ٽي سي ڪورٽ خيرپور ۾ جاچ جو آخري چالان پيش ڪري  ڇڏيو ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي مک جوابدارن کي جاچ آفيسر عبدالقدوس ڪلوڙ  جوابدارن پير فياض شاھ، اسد شاھ، امتياز ميراثي ۽ حنا شاھ کي دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ اي ٽي سي ڪورٽ خيرپور پاران ٻڌڻي 24 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڏھن ته پوليس جوابدارن پير فياض شاھ، اسد شاهه، امتياز ميراثي ۽ حنا شاھ کي 24 نومبر تي عدالت ۾ پيش ڪندي ۽ 24 نومبر تي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري ڪيس جا ٽرائل ھلايا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.