اسان جو عوام سان ٻين جو ”خاص سليڪشن ڪميٽي“ سان رابطو آهي:بلاول

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پپيلز پارٽي جي چيئرمين اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 8 فيبروري تي سنڌ ۾ صوبائي حڪومت سان گڏ وفاقي سرڪار به ٺاهڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته  پهريون ڀيرو هوندو جو وڏو  وزير، ڪراچي جو ميئر ۽ وزيراعظم جيالو هوندو، اسان پاڪستان جي قسمت تبديل ڪري ڇڏينداسين، پ پ کي ڪڏهن به چونڊ ۾ ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي، ليول پليئنگ فيلڊ نه به ملي تڏهن به پ پ ئي چونڊون کٽيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ابراهيم حيدري جي مجاهد بلوچ فٽبال اسٽيڊيم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ راندين جا ميدان ٺاهيا آهن، اسان هر ضلعي ۾ راندين جا ميدان ٺاهينداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته نوجوان راندين ۾ اڳتي اچن نه ڪي ڪنهن غلط رستي تي وڃن اسان نوجوانن کي سٺي رستي آڻڻ چاهيون ٿا، (ن) ليگ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جو رابطو عوام سان آهي انهن جو رابطو ڪنهن سليڪشن ڪميٽي سان هوندو انهن کي سليڪشن جو تجربو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي مستقبل بابت پي ڊي ايم کان پڇيو وڃي پي ڊي ايم جو بنياد اسان رکيو هو پي ٽي آءِ حڪومت دوران اسان پي ڊي ايم کي ڇڏي ڏنو هو اسان صاف شفاف اليڪشن کي ليول پليئنگ فيلڊ چئون ٿا اسان زبردستي شهباز شريف کي وزيراعظم نه بنايو هو، هن چيو ته اليڪشن وڙهڻ جو شوق صرف پيپلز پارٽي جو هو ٻين جو موقف ڪجهه ٻيو هو جيڪي سياسي اتحاد هوندا آهن اهي بهتر نموني سياست ڪندا آهن، مسلم ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد بابت هن چيو ته اتحاد جو نقصان ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ ٻنهي کي ٿيندو. ان موقعي تي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، اڳوڻو وڏو وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، چيئرمين ابراهيم حيدري ٽائون نذير احمد ڀٽو، چيئرمين ملير ٽائون جان محمد بلوچ، اڳوڻو ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، آغا رفيع الله، سليم بلوچ، يوسف مرتضيٰ بلوچ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.