پاڪستان ۾ حملن کان آگاهه آهيون، افغانستان ۾ هٿيار نه ڇڏيا هئا: آمريڪا

واشنگٽن(م ڊ) امريڪا چيو آهي ته پاڪستاني فورسز تي حملن کان آگاهه آهيون، اسان  افغانستان ۾ ڪو به سامان ناهي ڇڏيو. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران امريڪي نائب پرڏيهي ترجمان ويدانت پٽيل چيو ته هلندڙ مهيني پاڪستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ اڏن تي حملن جي اطلاعن کان آگاهه آهيون، جنهن تي متاثرن سان افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. ميانوالي ايئر بيس حملي دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان امريڪي ساخت  جا هٿيار ملڻ جو انڪشاف ٿيڻ تي امريڪي نائب پرڏيهي ترجمان چيو ته واضح ڪرڻ گهرون ٿا ته افغانستان مان نڪرڻ دوران  امريڪي فوج ڪو به سامان پوئتي نه ڇڏيو هو. هن چيو ته قانون جي حڪمراني، منشيات روڪٿام جي ڪوششن ۽ سڪيورٽي سميت ٻين شعبن ۾ 40 سالن  کان  پاڪستان سان ڀائيواري ڪئي آهي ۽ پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي تي امريڪي نائب ترجمان چيو ته پاڪستان سميت افغانستان جا پاڙيسري ملڪ افغانين کي داخلا جي اجازت ڏين ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن سان سهڪار ڪن.

  • پوليس ۽ جي آءِ ٽيز رپورٽس رد، گم ٿيلن جو پتو لڳائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) چئن سالن جو مزمل شاهه ۽ ٻيا شهري  آزاد نه ٿي سگهيا، عدالت پوليس رپورٽن کي رد ڪندي جي آءِ ٽي سربراهه   صوبائي ٽاسڪ فورس سربراهه کي طلب ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي  آزادي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران عدالت پوليس رپورٽن کي روايتي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، عدالت گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تي جي آءِ ٽي اھلڪارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جي آءِ ٽي سربراهه ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس سربراهه کي طلب ڪري ورتو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي اجلاس ۾ گم ٿيل ماڻهن جي خبر نه پوي ته پوءِ اھا ڪارروائي فضول آھي، عوام کي صرف تنگ ڪيو پيو وڃي، ٿئي ته ڪجھ نٿو، جي آءِ ٽي جي 26 اجلاسن کانپوءِ به جيڪڏهن ڪو پتو نه پيو ته پوءِ سڀ ڪجهه بيڪار آهي، عدالت پوليس جي رپورٽن کي رد ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.