پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران ٻيهر گرفتار

اسلام آباد ( م ڊ )  پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد کي ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. صنم  جاويد جي وڪيل سلمان شاهد جو چوڻ آهي ته جاچ پوليس صنم جاويد کي عورت اهلڪارن سان گڏ کڻي وئي آهي. وڪيل جو وڌيڪ چوڻ آهي ته صنم جاويد کي پهرين ٽن ڪيسن ۾ ملوث ڄاڻايو ويو، نئين ڪيس بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو، هن ٽن ڪيسن ۾ ضمانت ورتي آهي. وڪيل سلمان شاهد موجب صنم جاويد چوي ٿي جيترا مرضي ڪيس ٺاهيو هو پارٽي چيئرمين سان گڏ بيٺي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.