ٽنڊو ڄام ۾ حددخلين خلاف آپريشن، پوليس ۽ عملي مٿان پٿراءُ، فائرنگ، 3 ڄڻا زخمي

ٽنڊوڄام (رپورٽ: احمد سجاد) ٽنڊوڄام حددخلين خلاف آپريشن، رهواسين جو پوليس ۽ عملي مٿان پٿرا، هوائي فائرنگ،  علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو،حيدرآباد ميرپور خاص روڊ تي حد دخلين خلاف آپريشن دوران عملي ۽ شهرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ڊي ايس پي ٽنڊوڄام ۽ روينيو عملدارن جي موجودگي ۾ روڊ ڪمپني جي عملي پاران ٽنڊوڄام جي ورڪشاپ اسٽاپ وٽ حددخلين خلاف آپريشن دوران متاثر مڇريل شهرين احتجاج ڪندي حددخليون هٽائيندڙ عملي ۽ پوليس مٿان پٿراءُ شروع ڪري ڏنو، جڏهن ته عمارتن جي ڇتين تان گرم پاڻي اڇلايو ويو ۽ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي وئي، پوليس پاران ڳوڙها گئس جي شيلنگ ڪئي وئي، چڪرين دوران آپريشن ڪندڙ عملي جا ٽي ڄڻا معمولي زخمي ٿي پيا، پوليس جي وڌيڪ اٽالن پهچي حالتن تي ڪنٽرول ڪيو، ڇڪتاڻ بعد انتظاميه ۽ پوليس عارضي طور حد دخلين خلاف آپريشن روڪي ڇڏيو، انتظاميه جي عملدار فرهاد ميمڻ جي فرياد تي اٺن ڄڻن فدا حسين مغل، محمد اشرف مغل اعجاز علي مغل مختيار عرف دادا مغل ۽ ٻين خلاف سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ فائرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، متاثر شهرين جو چوڻ هو ته روڊ ڪمپني وارن پهريان به بنا معاوضي جي طاقت جي زور تي اسان جون ذاتي عمارتون ڊاهي انهن تي قبضو ڪيو هو، هڪ دفعو ٻيهر روڊ ڪمپي طاقت جي زور تي اسان جي وڌيڪ ذاتي عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪري قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقه حيدرآباد احسن مورائي جو چوڻ آهي ته ناجائز حد دخلين خلاف آپريشن نه روڪيو ويندو، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪي تحفظات آهن ته قانوني طريقو اختيار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.