آءِ ايم ايف خواهش تي عوام کي وڏو جهٽڪو، بجلي ۽ گئس مهانگي

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تي بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو، فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي اگهن ۾ واڌ جو حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب نگران حڪومت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو  شرط پورو ڪندي گئس کانپوءِ بجلي به مهانگي ڪري ڇڏي. نيپرا بجلي 40 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. پڌرائيءَ موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي. هوڏانهن آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گئس اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اوگرا موجب ماهوار 25 کان 90 مڪعب ميٽر تائين گئس جي پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ اگهه ناهي وڌايو ويو پر پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ فڪس چارجز 10 مان وڌائي 400 رپيا ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته نان پروٽيڪٽڊ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي قيمت ۾ 172 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ماهوار 25 مڪعب ميٽر گئس جي قيمت 200 مان وڌائي 300 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي. اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 60 مڪعب ميٽر گئس جي قيمت 300 مان وڌائي 600 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو، ماهوار 100 مڪعب ميٽر گئس جي قيمت 400 مان وڌائي 1000 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ماهوار 150 مڪعب ميٽر گئس جي قيمت 600 مان وڌائي 1200 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو، جڏهن ته ماهوار 200 مڪعب ميٽر گئس جي قيمت 800 مان وڌائي 1600 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي. اوگرا نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 300 مڪعب ميٽر گئس جي قيمت 1100 مان وڌائي 3000 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ ماهوار 400 مڪعب ميٽر گئس جي قيمت 2000 مان وڌائي 3500 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي. اوگرا چيو آهي ته تندورن لاءِ گئس جي قيمت 600 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو برقرار رکي وئي آهي ۽ پاور پلانٽن لاءِ به گئس قيمت 1050 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو برقرار آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سيمينٽ سيڪٽر لاءِ گئس جي قيمت 4400 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ سي اين جي سيڪٽر لاءِ گئس جي في ايم ايم بي ٽي يو قيمت 3600 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ برآمدي صنعتن لاءِ گئس جي قيمت 2100 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ غير برآمدي صنعتن لاءِ گئس جي قيمت 2200 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي. گئس جا نوان اگهه پهرين نومبر کان لاڳو ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.