ڦل ڀرسان زميني تڪرار تان جهيڙو، واپاري مارجي ويو، 4 زخمي

نوشهروفيروز/ڦل (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو/ ايم سچل سومرو ) ڦل ڀرسان زمين جي تڪرار تان ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي ۾ فائرنگ  دوران  پيرسن مارجي ويو ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ احمد خان لاشاري ۾  لاشاري برادري جي منظور احمد لاشاري ۽ سعيد خان لاشاري جي ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ سبب چوپائي مال جو واپاري 40 ورهين جو نوجوان نورنگ لاشاري موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏھن ته 4 ڄڻا اعجاز لاشاري، گلبھار، غلام مصطفيٰ ۽ طارق لاشاري زخمي ٿي پيا، ڦل پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي پيرسن جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو، فرسٽ ايڊ ڏئي زخمين کي نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، مقتول جو مڙهه نوشھرفيروز سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته جھيڙي دوران مارجي ويل مقتول نورنگ لاشاري کي 3 پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آھي، پوليس جو چوڻ هو ته پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.