ماٿيلو وچ شهر ۾ گهوٽا- ڀيري تڪرار جي آڙ ۾ نوجوان قتل

گهوٽڪي/ ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) ميرپورماٿيلو شھر ۾ گھوٽا ڀيري تڪرار جي آڙ ۾ گھوٽا برادري جي ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان  شھمير ڀيري کي قتل ڪري ڇڏيو، داد لغاري لنڪ روڊ ڀرسان فوڊ گودام تي فائرنگ ڪري پيٽرول پمپ تي گھوٽڪي ڀرسان جي ڳوٺ الاھي بخش ڀيري جي رھواسي نوجوان شھمير ڀيري کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ضلعي ھيڊڪوارٽر شھر ميرپورماٿيلي مان ساڳي ڪار تي چڙھي آساني سان فرار ٿي ويا. جڏھن تھ ڄاڻايل گھراڻو گھوٽا ڀيري برادري جي تڪرار کان بچڻ لاءِ ڪجھه مھينا اڳ گھوٽڪي مان ھتي ميرپورماٿيلي لڏي آيو هو، ھوڏانھن ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلي مان ضروري ڪاروائي بعد مقتول شھمير ڀيري جو لاش سندس ڀاءُ نادر ڀيري جي حوالي ڪيو ويوجيڪو لاش ڳوٺ کڻائي ويو، اسپتال ۾ روزاني عوامي آواز سان ڳالھائيندي نادر ڀيري چيو تھ ڀاءُ کي ھزارو گھوٽو سليمان گھوٽو رشيد گھوٽو گھرام گھوٽو ۽ ٻين گوليون ھڻي وچ شھر ۾ قتل ڪري ساڻن ظلم ڪيو آھي، شق آھي تھ پوليس بھ قاتلن سان مليل آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.