پروپيگنڊا ۽ جنگي رپورٽنگ

تحرير: جاويد ڀٽي

سياست، اقتصاديات ۽ ٽيڪنالاجي رپورٽنگ جي ڪردار کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. تازو فلسطين واري جنگ ته عالمي ميڊيا کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. مغربي ميڊيا جي اسرائيل حامي هڪ طرفي پروپيگنڊا جي ڪري پوري دنيا  جو اعتبار خبرن تان ئي کڄندو پيو وڃي ائين دنيا ٻن ميڊيائي حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. پيٽرڪ ڪڪبرن 40 سالن کان برطانيا کان ٻاهر رپورٽنگ جو تجربو رکي ٿو تنهن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته فيڪ يا جعلي خبرون اسان کي شاهدن ذريعي واقعا بيان ڪرڻ جي اهميت ياد ڏيارنديون آهن. ميدان جنگ ۾ رپورٽنگ ڪرڻ سولو آهي پر سهڻي نموني ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڪنهن به هٿياربند ويڙه ۾ ملوث ڌر کي سچ ٻڌائڻ جو ڪو به ثواب ناهي ملندو، اهڙي صورتحال صحافت جي سمورن قسمن ۾ موجود آهي.جنگي موسم ۾ پروپيگنڊا جون سموريون ڪوششون هن وقت به پنهنجي عورج تي آهن ۽ جنگي افراتفري مان ان پروپيگنڊا کي هٿي ملي رهي آهي ۽ اها ڳالهه سچ جي متلاشين لا ڪا چڱي ڳالهه ناهي.

پروپيگنڊا، معلومات ۾ ڄاڻي واڻي هيراَڦيري هميشه جنگي حڪمت عملي جو مرڪزي حصو رهي آهي. اڄ ڪلهه ته ان ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي آهي ۽ ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ جي پريس انتهائي خطرناڪ حد تائين اڳتي نڪري وئي آهي جنهن تي آًڱريون به گهڻيون ٿيون کڄن. پر اها ڳالهه به واضح آهي ته جيڪي ماڻهو هڪ ٻئي کي مارڻ تي لهي آياآهن اهي هڪ ٻئي خلاف ڪوڙ ڳالهائڻ کان به نه پيا ڪيٻائين ۽ ان فيشن کي وري وڌيڪ مشهور اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ ڪيو  جنهن پنهنجي مفاد خلاف خبر کي ئي ”ڪوڙي خبر“ قرار ڏئي ان تاثر کي هٿي ڏني ته معلومات غلط يا صحيح هميشه ڪنهن نه ڪنهن جي هٿ ۾ هڪ هٿيار ئي هوندي آهي. جيتوڻيڪ اها ڳالهه درست آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ” آبجيڪٽو“ سچ ڪو وجود ئي نه ٿو رکي ۽ اهو ته ان کي سٺي صحافت ذريعي بي نقاب نه ٿو ڪري سگهجي.

جنگ جي رپورٽنگ ۾ ڪجهه ڏهاڪن کان تبديليون به ٿيون آهن ڇو جو حڪومتن ميڊيا ادارن ۽ صحافين کي ڪجهه وڌيڪ وسيلا ۽ سهولتون ڏنيون آهن ۽ انهن جو معيار به بهتر ڪيو آهي.1991ع ۾ چيچنيا، افغانستان، عراق، لبيا ۽ شام جي جنگين انتهائي اهميت اختيار ڪئي. نائين اليون ۽ ٽون ٽاورن جي تباهي کانپو رپورٽنگ ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. جنگ ۾ رپورٽنگ ڪرڻ انتهائي مشڪل ۽ خطرناڪ عمل آهي ۽ هاڻوڪي دورن ۾ اها رپورٽنگ انتهائي ڏکي ٿي وئي آهي. افغان عراق جنگ جي رپورٽنگ ڪرڻ ته انتهائي مشڪل ڪم ٿي ويو هو جڏهن ته لبيا ۽ شام ۾ ته صورتحال ان کان وڌيڪ خراب ڏٺي وئي آهي. اهڙين جنگين ۾ غلط فهميون صرف تفصيلن بابت نه هيون پر بنيادي سوالن جي باري ۾ هونديون آهن ته ڪير ڪنهن سان وڙهي رهيو آهي ۽ ڪير فاتح آهي ۽ ڪير هارائي رهيو آهي.

صدين کان جاري پروپيگنڊا ۾ ڪا به تبديلي ناهي آهي. خبر کي ڪنٽرول ڪرڻ يا ” ڪوڙيون حقيقتون“ ماڻهن تائين پهچائڻ وارا طريقا اڄ به ساڳيا آهن. حڪومتن سرعام يا لڪ چوري سان خبرن کي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون هڪ اهڙي وقت ۾ وڌائي ڇڏيون آهن جڏهن صحافين ۽ نيوز ادارن جي سرڪاري قدمن ۽ بيانن جو جائزو وٺڻ جي صلاحيت تيزي سان گهٽجي آهي. هتي هاڻ القائده ۽ ٻيون ويڙهاڪ مذهبي تنظيمون به يورپي حڪومتن جهڙين ميڊيا پاليسين کي اختيار ڪرڻ شروع ڪيو آهي.

جنگيون اڪثر ڪري اهي ماڻهو شروع ڪندا آهن جن جو خيال هوندو آهي ته هو اها جنگ کٽي ويندا. ڇو جو اهي پروپيگنڊا جا ماهر هوندا آهن ۽ انهن کي ميڊيائي ادارن کي هينڊل ڪرڻ به ايندو آهي. نائين اليون بعد افغانستان، عراق، لبيا، شام ۽ يمن جن ويڙه جو فيصلو ڪيو هو انهن کي ان ڳالهه جو اندازو ئي نه هو ته هو ڪهڙي مشڪل ۾ پوڻ وارا آهن. مغربي ميڊيا پاران پنهنجي حڪومتن ۽ ادارن کي جوابده بڻائڻ جي تاريخ پراڻي آهي.

مغربي ميڊيا جنهن جي ڪريڊٽ تي ايترو ڪجهه آهي آخر ڪهڙا سبب آهن جو اها فلسطين واري معاملي تي ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا اڳيا گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن. غزه تي اسرائيلي جارحيت جي رپورٽنگ کي روڪڻ ۾ آخر ڪهڙا سبب آهن ۽ جيڪي اسرائيل انهن کي ٻڌائي رهيو آهي اهو ئي هلائڻ جي پويان آخر ڪهڙو منتق آهي. مغربي ميڊيا جيڪي اسان کي صحافت جا سنهري اصول سيکاري رهيا آهن اهي آخر غزه جنگ جي اڻڌري رپورٽنگ ڇو نه پيا ڪن. هن وقت سوشل ميڊيا تي فري لانس صحافين جو هڪ وڏو انگ صرف مغربي ميڊيا جي رپورٽنگ کي جاچڻ ۾ مصروف آهي.هن وقت هڪ ئي خبر کي آمريڪا، يورپ ۽ برطانيا جا وڏا وڏا صحافتي ادارا لفظن جي هيراڦيري سان ائين پيش ڪري رهيا آهن ڄڻ اسرائيل بيقصور آهي،انگ اسرائيل تي مڙهي وئي آهي هو مظلوم آهن اها دهشتگردن ۽ پرامن اسرائيلين وچ ۾ جنگ آهي۽ اسرائيل جي فوج پروفيشنل انداز ۾ پنهنجو دفاع ڪري رهي آهي.هو اسرائيل جي فلسطين جي زمين تي قبضي جي ڳالهه ڪرڻ لا تيار ئي ناهن.ان معاملي ۾ هو رپورٽنگ جي جنيوا ڪنوينشن، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ انساني حقن جي قانونن کي به تسليم ڪرڻ لا تيار ئي ناهن.ايستائين جو آمريڪي نيوز چينلز جي مارننگ شوز ۾ فلسطين جي حمايت ۾ نڪتل مظاهرن جو مذاق اڏايو ويو.اسرائيل پنهنجي ملڪ ۾ الجزيرا ٽي وي تي پندش هڻي ان جي عملي کي ڪڍي ڇڏيو آهي.

اصل ۾ مغربي ميڊيا ۾اڪثريت ڪارپوريٽ ميڊيا جي آهي، انهن وڏن بين الاقوامي چينلز ۽ ويب سائٽس تي حقيقت ۾ وڏن وڏن بزنس ٽائيڪونز جي سيڙپڪاري ٿيل آهي انهن کي ڪجهه ملڪ سرڪاري فنڊنگس سان هلائيندا آهن، انهن تي وڏن طاقتور ملڪن جي پاليسيز تي عمل ڪرڻ لا دٻا هوندو آهي. جڏهن ته مغربي ميڊيا جي وڏن وڏن ادارن جا شيئرز به اسرائيل حامي سرمائيدارن يا وري يهودين جي انويسٽمينٽ آهي جيڪي انهن کي ائين ڪرڻ لا چئي رهيا آهن. جيڪي ماڻهو انهن مغربي ميڊيا جي رپورٽنگ تي اکيون بند ڪري اعتماد ڪندا هئا هاڻ انهن کي به انهن ادارن جي هڪ طرفي رپورٽنگ تي چڙ اچي رهي آهي. هڪ سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فلسطين واري معاملي تي هڪ طرفي رپورٽنگ جي ڪري مغربي ميڊيا جي ريڪنگ ۾ به وڏو گهٽتائي آهي آهي ۽ ماڻهن هاڻ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي گهڻو ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.