امر جليل جنهن سڄي ڄمار رڳو ڏنو آهي پر ورتو ڪجهه به ناهي

تحرير: زرار پيرزادو

¨ اڄ سنڌ جي ليجنڊ اديب امر جليل صاحب جو جنم ڏينهن آهي جنهن جي سنڌي ادب کي دل جي گهراين سان مبارڪ ڏجي ٿي.

¨ امر جليل سنڌ جي انهن شخصيتن مان هڪ آهي جنهن بابت دنيا کي ٻڌائي سگهجي ٿو ته هي ڏسو، سنڌي ماڻهو هيئن ٿيندو آهي.

¨ هي انهن شخصيتن مان به هڪ آهي جنهن دنيا جي رائج اصولن تحت زندگي ناهي گذاري. هن دنيا کي ان جي اکين سان ناهي ڏٺو، ان جي ڪنن سان ناهي ٻڌو ۽ نه ئي ان جي زبان ڳالهائي سان آهي پر امر جليل صاحب دنيا کي پنهنجي اکين سان ڏٺو، پنهنجي ڪنن سان ٻڌو،  هميشه پنهنجي زبان ڳالهائي ۽ پنهنجي ”سوچ“ سان ئي لکيو.

¨ سندس سرجيل ادب کي واقعي به ”جديد ادب“ ئي چئي سگهجي ٿو. هن غير رواجي ۽ نئون سياسي، سماجي، ادبي شعور ڏنو.

¨ جديد دور ۾ جيئن شيخ اياز کان متاثر ٿي گهڻي تعداد ۾ سنڌي شاعر پيدا ٿيا. تيئن امر جليل جي ڪهاڻين کي پڙهي سنڌ ۾ ڪيترائي نوجوان نه رڳو ادب پڙهڻ ڏانهن متوجهه ٿيا پر ڪهاڻيڪار به ٿيا. امر جليل جي اسٽائيل جي ڪهاڻي نه رڳو نوجوانن تي تمام گهڻو اثر ڪيو پر ڪيترائي سندس همعصر اديب به سندس اسٽائيل ۾ لکندي نظر آيا.

¨ ڪنهن کي ادب ڏانهن راغب ڪرڻ هجي، ڪنهن کي ادب پڙهائڻ جي عادت وجهجي يا لکڻ لاءِ اتساهجي ته انکي امر جليل پڙهڻ لاءِ چئجي. خاص ڪري نون لکندڙن کي ته امر جليل کان پڙهڻ جي شروعات  ڪرڻ گهرجي.

¨ امر جليل صاحب نه رڳو ليجنڊ ليکاري آهي پر پاڻ تمام سٺو ڳالهائيندڙ به آهي هو جڏهن به ڳالهائيندو آهي ته هزارين جو مجموعوpin Drop silence  ٿي ويندو آهي.

¨ عام طور تي ماڻهن کي تنقيد ناهي وڻندي پر امر جليل جيتوڻيڪ سڄي ڄمار سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي سماج تنقيد ڪئي آهي پر پوءِ به امر جليل سان سنڌي عوام ديوانگي جي حد تائين پيار ڪندو آهي. شايد ان ڪري جو امر جليل جي لکڻين جي آئيني ۾ کين پنهنجو ئي چهرو نظر ايندو آهي ۽ اهو ڪنهن به ليکڪ جو ڪمال آهي جو اهو پنهنجين لکڻين ذريعي سماج ۽  ان ۾ رهندڙ ماڻهن جو آئينو بڻجي سگهي.

¨ هي انهن ليکڪن مان هڪ آهي جنهن جي لکڻين جو سڌوسنئون اثر پيو آهي تنهن ڪري هو حڪمرانن ۽ رجعت پرست حلقن لاءِ ناقابل برداشت  به رهيو آهي.

¨ امر جليل انهن شخصيتن مان به هڪ آهي جن جيئري ئي پنهنجي تاريخ ٺهندي ڏٺي آهي. سندس جواني جي دور ۾ طارق اشرف ڀيٽا طور سهڻي رسالي جو امر جليل نمبر ڪڍيو.وري سنڌ ثقافت کاتي امر جليل جي ادب جي 50 هين سالگرهه تي کيس يادگار ٽربيوٽ پيش ڪيو هو .کيس ريڪارڊ ڪرڻ جي حوالي سان سڀ کان وڏو ڪم سنڌ ٽي ويءَ ڪيو جنهن ”ڪلاس روم“ نالي پروگرام ۾ امر جليل کان ليڪچر ڪرايا جيڪي جيجل اخبار ۾ لکت ۾ شايع به ٿيندا رهيا. هاڻي انهن ليڪچرن کي سهيڙي انهن کي ڪتابي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي.

¨ سو امر جليل سنڌي عوام جو ”لاڏلو“ اديب رهيو آهي، جيڪا محبت ۽ عقيدت سنڌي عوام طرفان امر جليل کي ملي آهي اهڙي ورلي اديبن کي ملي هجي. .

¨ امر جليل جي شخصيت ۾ ”ڪرڪيٽ“ جو جيڪو روح آهي تنهن کيس پوڙهو ٿيڻ ناهي ڏنو. هو اڄ به نوجوان آهي، ناٽ آئوٽ آهي ۽ بهترين فارم ۾ آهي. سندس روزاني جنگ ۾ اڄ به ڪالمن جي ڪلاسڪ اننگ جاري آهي.

¨ اهڙن اديبن کي ته جيڪر حڪومتون پنهنجي ٿنڪ ٽينڪ بڻائين، پاليسي ٺاهيندڙ عهدن تي ويهارين ۽ انهن جي پاليسين تي هلن ته جيڪر آدرشي ۽ عوامي حڪومت نظام جڙي وڃي.

¨ امر جليل يقينن پنهنجي حصي جو تاريخ ساز ڪم ڪري چڪو آهي، هاڻي اسان جو وارو آهي ته اسان امر جليل لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهون . سو امر جليل لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي سو هاڻي ئي ڪرڻو آهي، سندس زندگيءَ ۾ ڪرڻو آهي سندس لاءِ ڇا ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، اچو ته ان تي ڪجهه سوچيون ۽ کيس هاڻي سالگراهن جا تحفا ڏيندا رهون جيڪو هن اديب جو اسان تي حق آهي.

¨ باقي نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هن فقير منش ماڻهوءَ سڄي ڄمار رڳو ڏنو آهي پر ورتو ڪجهه به ناهي. هاڻي به ڏيندو رهي ٿو، نيون سوچون، نوان خيال، نيون دنيائون پر ورتو ڪجهه به ناهي بس ”ٻانهون“ ٻڌندو رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.