افغانين جي واپسي ۽ حڪومتي سنجيدگي

تحرير: ميان عارف گهنڃو

نائن اليون جي واقعي کانپوءِ آمريڪا افغانستان تي حملو ڪري طالبان جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي ۽ جنگ جي نتيجي ۾ ڪيترائي افغاني متاثر ٿيا جن پاڪستان ۾ اچي پناهه ورتي انهن پناهگيرن جي اچڻ جو سلسلو افغانستان ۾ حامد ڪرزئي جي آمريڪا نواز حڪومت جڙڻ بعد به هلندو رهيو جيڪو طالبان جي ٻيهر حڪومت اچڻ تائين جاري آهي.

افغاني هتي آيا ته پناهگير ٿي هئا پر ڊگهو عرصو هت رهڻ  دوران هتان جي ڪرپٽ مفاد پرست ۽ لوڀي نظام جو حصو بڻيل ٺيڪيدارن معرفت نه صرف ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ٺهرائي ويا پر مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻندي نوڪرين ۾ پڻ اچي ويا.

هونئن ته افغاني پوري ملڪ ۾ پکڙجي چڪا آهن پر سندن تمام گهڻو تعداد سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ وڏي مقدار ۾ آباد ٿي چڪو آهي جتي نه صرف هي مختلف ڌنڌن تي مڪمل طور تي حاوي ٿي چڪا آهن  پر جرائم پيشا ڪارواين ۾ پڻ ملوث آهن دهشتگردي ڦرون چوريون اسٽريٽ ڪرائيم اسلحي جي غير قانوني خريدوفروخت نشي وارين شين جي خريدوفروخت سندن خاص ڪاروبار ۾ شامل آهن. ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان هي افغاني اسان جي ملڪ ۾ رهائش پذير آهن پر سندن همدرديون اڄ به پاڪستان مخالف ڌرين سان آهن.

افغانستان ۾ طالبان حڪومت قائم ٿيڻ ۽ امن ٿيڻ کانپوءِ هنن افغانين کي گهربو هو ته پاڻ مرادو ئي پنهنجي ملڪ هليا وڃن پر هنن ايئن نه ڪيو ۽ حڪومت هنن کي مختلف موقعن تي پنهنجي ملڪ وڃڻ لاءِزور ڀريندي رهي پر هي پنهنجي ملڪ واپس نه ويا ۽ آخرڪار حڪومت کين سختي سان ڊيڊ لائين ڏني ته 31 آڪٽوبر تائين هتان هليا وڃو ٻي صورت ۾ اوهان کي بي دخل ڪيو ويندو.

31 آڪٽوبر جي ڊيڊلائين گذري چڪي آهي ۽ ڪجهھ افغاني هتان وڃي به رهيا آهن پر جيڪي هتان هن محل تائين وڃي چڪا آهن تن جو تعداد هزارن ۾ آهي جڏھن ته لکن جي تعداد ۾ افغاني هت رهيل آهن سو جيڪي هتان ويا آهن سو تعداد اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي تنهنڪري ايئن هجڻ گهرجي جو هنن کي پنهنجي ملڪ موڪلڻ لاءِمڪمل طور هڪ سسٽم جوڙيو وڃي ۽ آخري افغاني جي هت موجودگي تائين اهو آپريشن جاري رهڻ گهرجي.

هن وقت ٿئي ايئن پيو جو پوليس جي ٻيگهي متي پئي آهي ۽ هڪ طرف غير قانوني افغانين کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻئي طرف ڏيتي ليتي عيوض کين آزاد ڪري پوليس پنهنجو ڪڌو ڪردار ادا پئي ڪري جڏھن ته ٻئي طرف جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي ڌرين کان علاوه ڪجھه نام نهاد لبرلز پڻ سندن حمايت ۾ اڳتي اچي رهيا چڪا آهن ۽ سندن حمايت ڪندي کين هت رهائڻ جي حمايت ۾ ڪورٽ سان پڻ رجوع ڪري چڪا آهن ۽ احتجاج پڻ پياڪن.

هن وقت جڏهن اسان جو پنهنجو ملڪ معاشي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هو پنهنجي شهرين کي ڪوبه رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي اهڙي وقت ۾ افغانين جي لوڌ جو وڌيڪ بار کڻڻ پنهنجن شهرين کان جيئڻ جو حق کسڻ کانسواءِ ڪجھه ناهي افغانين جو بار گذريل ٽن ڏهاڪن کان پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ کڻي پئي جنهن جا سنڌ جي ڊيموگرافي تي پڻ اثر پئجي رهيا آهن ۽ سنڌين کي هڪ منظم منصوبي تحت سنڌ جي دل ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن کي سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ گهڻ گهرن گهڻو وقت اڳ ئي سمجهندي هن حساس موضوع تي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.

سنڌ هن وقت هونئن به تمام گهڻو ڀوڳي پئي جنهن ۾ هنن افغانين جو وڏو ڪردار آهي هنن ڪراچي جي امن کي تباھ ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي هڪ طرف افغاني سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل ڪلچر جي هٿيارن جي سپلاءِڪري سپورٽ ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف هيروئن ڪوڪين چرس شراب ۽ آفيم جهڙن نشن کي عام ڪرڻ جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن هنن جا سمورا ڪاروبار غير قانوني آهن جنهن سان نوجوان نسل تباھ ٿئي پيو.

هنن جي وڏي ۾ وڏي منافقت اها آهي جو رهن سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ٿا پر سنڌين ۽ پاڪستان جا وڏا مخالف به هي آهن ڪراچي ۾ پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي ڪرڻ کان وٺي افغان جهنڊو لهرائڻ ۽ رياست مخالف نعرا هڻڻ ۾ هن جو ڪڌو ڪردار واضح آهي. ان کان علاوه انڊيا جي ايجنڊا کي سپورٽ ڪندا رهن ٿا. افغاني هجن برمي هجن بنگالي هجن يا ڪي ٻيا پناهگير سنڌ کي عالمي يتيم خانو سمجهي ورهين کان سنڌ ۾ رهائش پذير آهن جيڪي هن سسٽم جي اوڻاين جو فائدو وٺي مقامي ماڻهن جي روزگار ڪاروبار ۽ نوڪرين ۾ حق تلفي ڪري رهيا آهن سندن ملڪ بدري جي تاريخ گذري چڪي آهي پر هي لکن جي تعداد ۾ اڃا به ملڪ ۾ موجود آهن. جن جو هتان نڪرڻ جو شايد ئي ارادو هجي مٿان وري آمريڪا يورپ ۽ گڏيل قومن کي پڻ افغان پناهگيرن جو سور جاڳيل آهي جيڪي کين بيدخل ڪرڻ کان منع ڪري رهيا آهن جڏهن ته انهن سڌريل ملڪن جي منافقت ان وقت واضح ۽ عيان ٿي پوي ٿي جڏهن هي فلسطين ۾ ٿيندر ظلم تي بالڪل خاموش تماشائي ٿي بيهن ٿا پر افغانين لاءِهنن جي دل ۾ همدردي جاڳي پوي ٿي هن وقت افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت آهي ۽ سندن ملڪ ۾ امن به قائم آهي ته معيشت به بهتر آهي ته هن موقعي جو فائدو وٺندي افغانين کي پنهنجي ملڪ پنهنجي اباڻن وٿاڻن تي هليو وڃڻ گهرجي اسان سمجهو ٿا ته هنن جو وڌيڪ بار سنڌ نه کڻي سگهندي ان لاءِحڪومت کي پنهنجي اعلان کي عملي جامو پارائيندي افغانين کي جلد کان جلد پنهنجي ملڪ موڪلڻ گهرجي.

ان سلسلي ۾ شعور ساڃاهه وندن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ گهرجي افغان پناهگيرن جو مسئلو سنڌ ۽ سنڌين جي بقا سان جڙيل آهي تنهنڪري عملي طرح سان هنن کي پنهنجي ملڪ موڪلڻ لاءِهر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي تي ويڳاڻپ جو شڪار نه ٿين ۽ سندن ڌرتي کائن نه کسجي. افغانين ۽ ٻين پناهگيرن خلاف جدوجهد فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ هي آخري معرڪو آهي ۽ جيڪڏهن هن فيصلائتي مرحلي ۾ هنن جون پاڙون پٽجي ويون ته ڌرتي ڌڻي سک جو ساه کڻي سگهندا ٻي صورت ۾ سنڌ پڻ فلسطين ۾ تبديل ٿي ويندي جتي جي ملڪيت روزگار نوڪرين ۽ حڪومت ۾ هنن افغانين جو حصو هوندو جڏهن ته مقامي ماڻهو ڪسمپرسي ۽ مايوسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.