پشاور(م ڊ) ڊي آءِ خان جي علائقي درا زنده ۾ پرائيويٽ آئل اينڊ گئس ڪمپني جي ڪيمپ تي اڻڄاتل ماڻهن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. پوليس مطابق فوتي اهلڪارن ۾ عارف ۽ رحمت شامل آهن جڏهن ته زخمي اهلڪارن ۾ اي ايس آءِ عالم شير، فضل شاهه ۽ عطا الرحمان کي اسپتال منتقل ڪيو ويوي آهي. زخمين مان هڪ اهلڪار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڊي ايس پي اصغر شاهه مطابق حملو الحاج آئل اينڊ گيس پرائيويٽ ڊرلنگ ڪمپني جي ڪيمپ تي ٿيو جتي پوليس اهلڪار مقرر هئا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڌيڪ نفري واقعي واري هنڌ پهتي جنهن علائقي جو ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير محمد اعظم خان ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درا زنده ۾ آئل اينڊ گيس ڪمپني تي دهشتگرد حملي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن جي بلند درجن ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪندي حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت شهيدن جي پونئيرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي.