راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خلاف داخل ڪرايل ريفرنس ۾ پرڏيهي وزارت جي ٽن شاهدن جا بيان عدالت ۾ رڪارڊ ڪيا ويا. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ اسپيشل ڪورٽ جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي پي ٽي آءِ چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ شاهه محمود قريشي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جا اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه خاور، ذوالفقار عباس نقوي ۽ رضوان عباسي عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران پرڏيهي وزارت جا شاهد محمد نعمان، شمعون قيصر ۽ عمران ساجد به عدالت ۾ پيش ٿيا. خاص عدالت ۾ ٽن شاهدن پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا، جڏهن ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي وڪيلن شاهدن کان آڏي پڇا ڪئي.