شفاف چونڊن لاءِ خوف واري فضا ختم ڪئي وڃي

سيد مجاھد علي

سپريم ڪورٽ جي ٽياڪڙي سان آخرڪار صدر عارف علوي ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مشوري کانپوءِ 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ان کي قبوليندي ۽ صدر جي رضامندي کي تسليم ڪري ان کي حتمي تاريخ بڻائي ڇڏيو.

ان اتفاق کانپوءِ سپريم ڪورٽ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي سمورين درخواستن کي اڪلائي ڇڏيو ۽ 8 فيبروري کي چونڊن جي آخري تاريخ قرار ڏيندي واضح ڪيو ته هاڻي افواهون پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ان کي آئين جي ڀڃڪڙي جو ڏوھي سمجهيو ويندو. ملڪ جي لڳ ڀڳ سياسي پارٽين چونڊن جي تاريخ جي آجيان ڪئي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن به ان فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪيو پر ان جي اطلاعات واري سيڪريٽري رئوف حسن  چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي رويي تي تنقيد ڪئي آھي ۽  چيو ته هو بار بار آئين ۽ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھي  ٿيوآهي. جنهن تي سپريم ڪورٽ کيس سزا ڏئي. ٻڌڻي بعد حتمي حڪم لکرائيندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ حتمي  چيو ته ”صدر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪري غيرضروري طور معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آيو. سپريم ڪورٽ صدر ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي. سپريم ڪورٽ صدر ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ رابطي جي سهولت ڏئي سگهي ٿي ۽ اھو چئي سگھي ٿي تھ سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن.

صدر ۽ اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن اتفاق ڪيو ته چونڊون بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ٿينديون. انشاءَ الله چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون. اسان سڀني کي پابند ڪيو آهي ته چونڊون ڪرايون وڃن.

اھو هڪ متوازن فيصلو آهي، جنهن ۾ چونڊن جي ڪرائڻ  جي حوالي سان غير ضروري بحث شروع ڪرڻ بدران هڪ نقطي تي ڌيان ڏنو ويو ته ملڪ ۾ چونڊن بابت شڪ نه وڌن ۽ عوام جي بي يقيني واري ڪيفيت کي ختم ڪيو وڃي.شايد اھو سڀ  ملڪ ۾ ڊگهي مدي واري غير چونڊيل حڪومت کي  ٿاڦڻ  جي لاءِ ڪيل  انتظام ھئا. ان ڪري سپريم ڪورٽ  اصرار ڪيو ھو تھ چونڊن بابت ڏنل تاريخ حتمي هوندي ۽ ان ۾ واڌ لاءِ ڪو به عذر قبول نه ڪيو ويندو.

چونڊن جي حتمي تاريخ جي اعلان ۽ سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کان پوءِ سياسي ماحول ۾بھ غير ضروري بحث ختم ٿيڻ کپن.جيئن  چونڊ مهم کي درپيش مسئلن تي ڌيان ڪري سگهجي ۽ سياسي پارٽيون پنهنجي منشور ۾ انهن مسئلن طرف ڌيان ڏين، جن سبب عوام جي زندگي مشڪل  جو شڪار ٿيل آهي. ان صورتحال ۾ تحريڪ انصاف جي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن جو چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ڏنل سخت بيان ڪو مقصد حاصل نه ڪري سگھندو ويتر اھو سياسي ماحول ۾ تلخي ۽ غير يقيني پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندو.

ان جو پهريون ردعمل اليڪشن ڪميشن جي ترديدي بيان جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. اليڪشن ڪميشن رئوف حسن جي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته اھو حقيقت جي ابتڙ ۽ بي بنياد آهي. اليڪشن ڪميشن غير جانبداري سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. تحريڪ انصاف کي جولاءِ ۽ آڪٽوبر 2022ع جي ضمني چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگي کي سامهون رکڻ گھرجي.جنھن ۾ مخالف ڌر  هجڻ باوجود تحريڪ انصاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. اليڪشن ڪميشن پارٽي کي مشورو ڏنو آهي ته اليڪشن ڪميشن تي تنقيد بدران هاڻي چونڊ مهم تي ڌيان ڏنو وڃي جيئن ڪاميابي ملي سگھي.

انهن بيانن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن به سياسي پارٽيءَ چونڊن تي ڌيان نه ڏنو ته پوءِ ڌانڌلي ۽ غير منصفاڻي چونڊن جي الزام جا بھ خاص نتيجا نه نڪرندا.  چونڊن جو معاملو طئي ٿيڻ بعد تحريڪ انصاف کي غير ضروري ڳالهين ۾ نه وچڙڻ نھ گهرجي.جيتوڻيڪ 9 مئي سانحي جي نتيجي ۾ کيس پاڪستان جي رياست کان بيشمار شڪايتون آهن.پر تلخي وڌائڻ سان  شڪايت جو تدارڪ نٿو ٿئي، پر تحريڪ انصاف ۽ ٻين سياسي پارٽين کي  بردباري ،سھپ ۽ عوام دوست رويو اختيار ڪرڻو پوندو. تحريڪ انصاف کي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو حق ضرور ملڻ گهرجي پر ان حوالي سان غير ضروري سوشل ميڊيا مهم ۽ بي بنياد خبرون سان ڪو خاص مقصد حاصل نه ٿو ٿئي. نگران وزيراعظم ۽ اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به پارٽي تي پابندي لڳائڻ جو ڪو ارادو ناهي. تحريڪ انصاف کي ان حوالي سان ايڊونچرزم تي پنهنجي صلاحيت کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي. ان کان سواءِ  پارٽي جي چونڊ نشان بيٽ جو معاملو به يقيني طور تي غير يقيني صورتحال جو سبب بڻيو آهي. يا اها غير يقيني صورتحال ڄاڻي واڻي پيدا ڪئي پئي وڃي. ڇو ته اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان ڪو به اشارو نه ڏنو آهي.

اهو سچ آهي ته تحريڪ انصاف 9 مئي وارن واقعن سبب مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. بهرحال ان مسئلي ۾ مسلسل واڌ جو هڪ سبب عمران خان ۽ تحريڪ انصاف تن ڏينهن ۾ ان غير قانوني ڪاررواين جي مذمت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا.  ان جي ابتڙ پارٽي مسلسل ڪوشش ڪندي ڪري رهي آهي ته ھر طريقي سان تحريڪ انصاف ۽ عمران خان کي مظلوميت جو درجو ڏياري ڪري پارٽي جي سياسي مقبوليت کي وڌايو وڃي. تحريڪ انصاف سانحي 9  مئي جي واقعن حوالي سان حڪمت عملي تبديل نھ ڪئي تھ چونڊن مھم ۾ ان جي مشڪل ۾ ڪا گھٽتائي نھ ٿيندي.

پارٽي کي ھاڻي 9 مئي کان اڳتي وڌڻ گھرجي  ۽ ان ۾ ٿيل غلطين کي ختم ڪرڻ گھرجي.نئين حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي.ان جو ھڪ طريقو ھي آھي تھ جماعت ان ڏينھن جي ٿيل غلطي تسليم ڪندي ھاڻي انھن جو ورجاءُ نھ ڪرڻ جو پڪو فيصلو ڪري، ان بعد پاڻ کي بھتر ۽ٻين کي خراب سمجھڻ وارو رويو بھ ختم ڪري.پارٽي کي سياست ۾ گڏيل احترام ۽ قبوليت جو رويو اختيار ڪرڻ گھرجي. عمران خان پنهنجي دور حڪومت ۾ مخالف ڌر جي سياسي پوزيشن کي قبول نه ڪيو، جڏهن ته قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت حاصل نه ڪندڙ ميمبر يا سياسي پارٽيون به عوام جي ووٽ تي ڪامياب ٿيون ھيون. اهڙي طرح بي اعتمادي بعد  قومي اسيمبليءَ مان استعيفائون ڏيڻ جو رويو اختيار ڪري، سياسي عمل ۽ قومي اسيمبليءَ جهڙي اداري جي اهميت کان انڪار ڪيو ويو. ان غلط سياسي رويي کي تبديل ڪندي ئي تحريڪ انصاف مستقبل ۾ پنهنجي سياسي ڪردار جو تعين ڪري سگهي ٿي.

سمورين سياسي پارٽين جي ڪردار کي قبول ڪرڻ جي صورت ۾ ئي تحريڪ انصاف ٻين پارٽين ڏانهن مفاهمت جو هٿ وڌائي سگهي ٿي يا ڪنهن اهڙي چارٽر تي ڪم ڪري سگهي ٿي جنهن ۾ سموريون سياسي پارٽيون ۽ اڳواڻ چونڊن دوران ذاتي الزامن کان مٿانهون هجن ۽ صرف سياسي ايجنڊا تي ڪم ڪن. ٻين سياسي پارٽين کي به ماضيءَ جي اڻ وڻندڙ واقعن کي وساري تحمل ۽ سمجهه کان ڪم وٺڻ گھرجي ته جيئن تحريڪ انصاف سان سياسي سهڪار جو رستو نڪري سگھي.

بهرحال اهو مسئلو تڏهن ئي مثبت انداز ۾ حل ٿي سگهي ٿو جڏهن تحريڪ انصاف وڏي يا واحد سياسي قوت هجڻ جي غلط فهمي مان نڪري ۽ ان حقيقت کي تسليم ڪري ته سموريون سياسي پارٽيون هن وقت هڪ ئي جاءِ تي آهن. بھرحال  فيبروري 2024ع تي عوام جي راءِ جي روشنيءَ ۾ فيصلو ڪيو ٿيندو ته ڪهڙي پارٽي کي سڀ کان وڌيڪ مقبوليت حاصل آهي. هن وقت سياسي لحاظ کان سڀ برابر آهن ۽ عوام کان ووٽ گهرڻ جي جدوجهد شروع ڪرڻ وارا آهن.

تحريڪ انصاف جي مستقبل جي حوالي سان نگران حڪومت ۽ رياستي ادارن کي به  ابهام ختم ڪرڻ گهرجن ته جيئن اهو تاثر ختم ٿئي ته تحريڪ انصاف عتاب ۾ آيل  پارٽي آهي ۽ ان کي اليڪشن کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. 9 مئي سانحي يا ٻين غيرقانوني ڪاررواين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، پر اھا مڪمل شفاف عدالتي طريقي سان ھجي ٻيو تھ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي پراسرار طريقي سان گرفتار ڪرڻ يا هراسان ڪرڻ جو طريقو ختم ٿيڻ گهرجي.

ملڪ ۾ فعال جمهوريت جي ڪاميابي ۽ بي چيني  جي خاتمي لاءِ رياست طرفان اعتماد سازي جي قدمن جي سخت ضرورت آهي. ان سان ئي خوف ۽ افواھ  ختم ٿي ويندا ۽ عام چونڊون خوشگوار ماحول ۾ ٿي سگهن ٿيون.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.