چونڊن جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي

سپريم ڪورٽ جي مداخلت کانپوءِ صدر ۽ اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري تي چونڊن ڪرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آھي، ان سان ملڪ ۾ انھن افواھن کي ختم ٿيڻ گھرجي جنھن ۾ روز ڪنھن نھ ڪنھن پاسي کان اھو ٻڌڻ جي لاءِ ملندو ھو تھ چونڊون نھ ٿينديون.جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ جو چوڻ آھي تھ ھر اداري جو پنھنجو دائرو ۽ ڪم آھي پر تنھن ھوندي بھ سپريم ڪورٽ جي وچ ۾ پوڻ سان اھو معاملو تمام گھڻي خوش اسلوبي سان حل ٿي ويو آھي.

ان سلسلي ۾ ھاڻي تھ اليڪشن ڪميشن طرفان بھ  پڌرائي جاري ڪئي وئي آھي. جنھن موجب صدر ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي وچ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن صدر کي 28 جنوري، 4 فيبروري ۽ 11 فيبروري جون تاريخون تجويزون ڪيون هيون.جنھن بعد ٿيل مشاورت کانپوءِ پارٽين ۾  8 فيبروري تي اتفاق ٿيو.ھي معاملو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چونڊن جي تاريخ بابت درخواستن جي ٻڌڻي سان چٽو ٿي ويو.

. ياد رهي ته ھن کان  اڳ 21 سيپٽمبر تي اليڪشن ڪميشن  ملڪ ۾ عام چونڊون جنوري 2024 جي آخري هفتي ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ھو، پر ان ۾ ڪا بھ تاريخ واضح نھ ھئڻ جي ڪري ان بابت ھر ڪو پنھنجي جدا جدا تشريح ڪري رھيو ھو.جڏھن تھ ان سلسلي ۾ صدر ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ ٿيندڙ تڪرار ڪري سياست ۾ ڪجھھ موجھارا پڻ پيدا ٿي رھيا ھئا.

سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ۽ سندس ساٿين سان گڏ صدر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عام چونڊن جي تاريخ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ کيس تڪبندين جي ڪم ۽ ٻين معاملن کان آگاهه ڪيو.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته 8 فيبروري تي چونڊون بابت اتفاق  ڪيو آهي.

جنھن طرح جي اڻچٽائي ۽ مبھم ماحول ھو ان ڪيفيت مان ملڪ جو عام ماڻھو آجو ٿي ويو آھي.بھرحال اھو ياد رکڻ گھرجي تھ ھي اليڪشن طرف وڃڻ جو پھريون مرحلو آھي ان بعد بھ ڪافي مرحلا آھن پر ھاڻي جنھن طرح سان عدالت ۾ چونڊن ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آھي ان سان اھا اميد آھي تھ باقي معاملا بھ بھتر نموني سان اڳتي وڌندا.

ملڪ ۾ چونڊن جي ماحول جڙڻ سان سياسي طور تي سرگرمين وڌڻ ۽ سياسي ڌرين جو ھڪ ٻئي خلاف ھاءِ گھوڙا ڪرڻ سان ڪجھھ تلخيون پيدا ٿين ٿيون پر اھو سڀ ڪجھھ سياسي جماعتن کي سھپ ۽ ڪشادا دلي سان سھڻ جي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي.

ھاڻي جڏھن اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو آھي تھ ان سان لاڳاپيل ھڪ اھم سوال ھي آھي تھ سمورين سياسي جماعتن کي پنھنجون سرگرميون جاري رکڻ جي لاءِ ھڪ جھڙا موقعا ملندا يا وري ڪنھن سان رعايت تھ وري ڪنھن سان سختي ڪئي ويندي ؟ ھي سوال ان ڪري سامھون اچي رھيو آھي جو مختلف سياسي جماعتن کي اھڙي موقعي تھ اھا شڪايت ٿيندي آھي.

توقع ڪجي ٿي تھ بھتر ۽ ھاڪاري سياسي ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪنھن سان ڪا خاص رعايت نھ ڪئي ويندي ۽ چونڊن جو عمل بھتر ۽ شفاف نموني مڪمل ٿيندو. ملڪ ۾ شفاف نموني چونڊن ڪرائڻ ان ڪري بھ لازمي آھي جو ڪنھن بھ ڌر چونڊن جي نتيجن بعد وري ڌانڌلين جي الزام ھڻڻ ۽ ان جي بنياد تي اجايو واويلا ڪرڻ جو موقعو نھ ملي سگھي.ساڳي وقت ڪنھن خاص جماعت سان ڪيل اختيار ڪيل مخصوص روئي جي ڪري چونڊن جي سموري عمل تي سوال پڻ پيدا ٿين ٿا.

توقع ڪجي ٿي تھ ھن ڀيري سپريم ڪورٽ جي مداخلت سان چونڊن  جي تاريخ اچڻ سان اھا اميد ٿي پئي آھي تھ ان سان ملڪ ۾ شفاف چونڊون ٿينديون ۽ ان بعد ڪنھن ڌر کي ڪو سوال اٿارڻ جو جواز نھ ملندو.

سنڌ ۾ ڀوتارڪي نظام خلاف سول سوسائٽي جو احتجاج

ڪراچي ۾ سنڌ جي ساڃاوندن ۽ سول سوسائٽي پاران سرداري نظام خلاف احتجاج ڪيو ويو.جنھن کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ سرداري نظام جي باقيات سنڌ جي سياسي سماجي زندگيءَ کي مڪمل طورتي ناس ڪري ڇڏيو آھي.جنھن ڪري سماجي ارتقا جو عمل رڪجي ويو آھي.اڳواڻن  جو چوڻ ھو تھ فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ طاقتور ڌرين جي معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. شروع ۾ رياست ڪو ڪردار ادا نه ڪيو پر سنڌ جي عوام جي ردعمل بعد ڪيس اڳتي وڌيو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن  جي ڪرپشن کي وائکو ڪرڻ تي بھ وڏيرا عوام کي هراسان پيا ڪن، وڏيرن جا نالائق ۽ نااهل ٻار ادارن ۾ آيل آهن.اڳواڻ جو اھو بھ چوڻ ھو تھ پيپلزپارٽي هاڻي جمهوريت مان نڪري جاگيرداراڻي  نظام ۾ گهڙي چڪي آهي.

نھ رڳو ايترو پر ڪراچيءَ جي ستن ئي ضلعن ۾ سردارن ۽ ڀوتارن جي پرچي وارا  آفيسر لڳل آهن. هر اداري اندر ڀوتار ويٺا آهن جيڪي نوجوانن کي اڳتي اچڻ نه ٿا ڏين، ڀوتارن کي ٻهراڙين کان وٺي شهرن تائين تڙي ڪڍڻو پوندو تڏهن سنڌ ۾ سڌارو ايندو.سنڌ ۾ ڀوتارن ۽ وڏيرا شاهي نظام ڌاڙيلن کي عام ڪيو آهي.

فاطمه ڦرڙو، ناظم جوکيو، جان محمد مهر ۽ اجمل ساوند به ڀوتارڪي نظام جا شهيد آهن، ھنن مطالبو ڪيو تھ سنڌ ۾ ڀوتارڪي ۽ جاگيرداري نظام ختم ڪيو وڃي، جيئن سنڌي ماڻهو امن سان زندگيءَ گذاري سگهن.

حيدرآباد  ۾ بھ اھڙو احتجاج ڪيو ويو جنھن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تھ سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام سنڌ جو امن تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ ناسور بڻيل آهي.سنڌ ۾ وڏيرن سياست جو پاسو کڻي ڪري سياست ۾ بھ گھڻو گند ڪري

رڳو سنڌ لٽڻ وارو ڪم ڪري رھيا آھن.جنهن سبب سنڌ اندر ڌارين جي لوڌ آئي آهي، سنڌ جي وسيلن تي ڌاريا قابض آهن، انھن جا سهولتڪار وڏيرا, سردار, ڀوتار آھن.

سنڌ جي سول سوسائٽي ۾ شامل اڳواڻ مطالبو ڪيو آھي تھ سياسي جماعتون ھوش ڪندي وڏيرن ۽ ڀوتارن کي پري ڪري ۽ سنڌ جي مفادن کي نظر ۾ رکندي اھڙو پروگرام ڏين جنھن سان ماڻھن جي حياتي آسان ٿي سگھي ۽ ماڻھو سک جو ساھ کڻي سگھن،

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.