پريا ڪماري جو اغوا، ڪجهه انومان ۽ انديشا

ذلفي چاچڙ

جڏھن به ڪا قوم زوال پذير ٿيڻ لڳندي آھي،  ته اھا سڀ کان پھريان پنھنجا اخلاقي قدر وڃائڻ لڳندي آھي. جنھن سبب منجھن سنگدلي ۽ ڪٺور پڻو پيدا ٿيڻ لڳندو آھي، جيڪا آخر ڪار بي حس بڻجي ويندي آھي. اھڙي طرح اھي ماڻھو تشدد پسند ۽ سفاڪ بڻجي ويندا آھن. جيڪي ڪنھن تي به رحم ناھن ڪندا. سندن ستم جو شڪار معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ ڪمزور مرد بڻجندا رھندا آھن ۽ اھو معاشرو لاقانونيت جي ور چڙھي بدامني، ڀڃ ڊاھ سميت ٻين مسئلن جو شڪار ٿي ويندو آھي، جيڪو آھستي آھستي پنھنجي منطقي انجام ڏانھن وڌڻ لڳندو آھي. سنڌي ماڻھو! جيڪي امن پرست ھجڻ جي ھڪ ڊگھي تاريخ رکن ٿا. جيڪي انسان دوستي ۽ مھمان نوازي سبب ڏيھان ڏيھه مشھور ھئا. جيڪي عورتن جو احترام ڪنھن مقدس ڪتاب جيترو ڪندا ھا ۽ معصوم ٻارڙن کي فرشتن جو ٻيو روپ سمجھي ساڻن پيار، پاٻوھ ۽ پنھنجائپ سان پيش ايندا ھا. ھاڻ ماڻھو اھي نه مھذب رھيا آھن، نه ئي اھي پنھنجائپ وارا رويا ۽ روايتون۔ جن سنڌي ماڻھن کي دنيا ۾ ھڪ سلجھيل، امن پرست ۽ منفرد قوم طور متعارف ڪرايو.

اسان جي سانڀر ۾، محرم ۽ رمضان جو چنڊ نظر ايندي ئي چوڏس ھڪ پرامن ماٺار ڇانئجي ويندي ھئي. شڪاري شڪار ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ھا ۽ ان ڏھاڙن ۾ ڪنھن به  جاندار جي جان وٺڻ کي سخت گناه تصور ڪيو ويندو ھو. قبيلائي جھيڙن ۾ پاڻمرادو ٺاپر اچي ويندي ھئي. جڏھن ته ڌاڙيل ۽ چور به وارداتون ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ھا،  جنھن سبب ھر ماڻھو بيخوف بڻجي ويندو ھو. پر ھاڻ اسان وٽ پراڻا پلاند وٺڻ ۽ وارداتون ڪرڻ لاءِ  مقدس ڏينھن جو انتظار ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ شروع ڪيل خوني سلسلي ۾، جنھن کي قبيلائي تڪرار سڏيو وڃي ٿو. عيد واري ڏينھن شدت اچي ويندي آھي. جڏھن ماڻھو سنڀري ٺھي خوشيون ملھائڻ لاءِ  ٻاھر نڪرندا آھن ته دشمن جي گولين جو کاڄ بڻجي ويندا آھن ۽ ايئن ان ڪٽنب جو خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي وينديون آھن، اھا بي حسي، ظلم ۽ وحشت جي انتھا آھي.

سنگرار واسڻ پريا ڪماري جنھن کي گم ٿئي لڳ ڀڳ ڏيڍ سال ٿي چڪو آھي، ايترو وقت گذري وڃڻ جي باوجود به قانون لاڳو ڪندڙ ادارا کيس بازياب ڪرائي ناھن سگھيا ۽ نه ئي ان بابت ايترو به معلوم ڪري سگھيا آھن ته پريا ڪماري جي اغوا ۾ ڪير ڪير ملوث آھي؟ کيس ڀنگ لاءِ  اغوا ڪيو ويو يا ڪنھن ٻي مقصد لاءِ ۔ ڇو ته ماضي ۾ شھداد ڪوٽ مان ھڪ ٻالڪ صدام حسين پڻ اھڙي ريت گم ٿي ويو ھو، جنھن جي بازيابي لاءِ  سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ٿيندا رھيا. جنھن کي محترمه بينظير ڀٽو ڪوشش ڪري متحده عرب امارات مان اٽڪل ٻن سالن کان پوءِ  بازياب ڪرايو ھو. صدام حسين کي اغواڪارن اغوا ڪري عربن وٽ وڪرو ڪري ڇڏيو ھو. چيو ويندو آھي ته عرب ملڪن ۾ معصوم ٻارڙن کي گوءَ ۾ حصو وٺندڙ اٺن جي مٿان ٻڌو ويندو آھي،  جڏھن رسن ۾ جڪڙيل ٻار خوف وچان رڙيون ڪندا آھن ته انھن رڙين تي اٺ ويتر تيز ڊوڙڻ لڳندا آھن.ياد رھي ته معصوم پريا ڪماري نئون محرم تي گھر جي اڳيان سبيل ھلائيندي لاپته ٿي وئي ھئي، سندس اھو عمل سنڌ جو اصلوڪو چھرو ظاهر ڪندڙن ۽ رواداري جو مظھر ھو. اسان جيڪا ھر قسم جي تعصب کان مٿاھين سنڌ ڏسڻ جا خواھشمند آھيون، ان کي اڏڻ جي پريا ڪماري ڪوشش ڪئي، پر معصوم حسينڻ پريا ڪماري يزيديت ھٿان يرغمال ٿي وئي.

جيتوڻيڪ سڄي سنڌ مان پريا ڪماري جي اغوا جي خلاف سخت ۽ ڀرپور ردعمل سامھون آيو آھي، پر جيڪو ڪردار حسينين کي پنهنجي ھڪ حسينڻ لاءِ  ادا ڪرڻ گھرجي ھا، اھو ڪٿي به ڏسڻ ۾ ناھي آيو. فضيلا سرڪي کي اغوا ٿئي تقريبن ٻه ڏھاڪا گذري چڪا آھن، پر ھو پنھنجي امڙ سان وري ڪڏھن به ملي نه سگھي، سندس والدين ڪو اھڙو در باقي نه ڇڏيو، جتي انھن نه دانھيو ھجي، پر قانون جا ڊگھا ھٿ به فضيلا کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي نه سگھيا. اھڙو ئي مثال ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل نازيه کوسو جو پڻ آھي، سندس اغوا ٿيڻ کان پوءِ  ضلعي ۾ چار سٺي ساک رکندڙ ايس ايس پي بدلي ٿي آيا، جن دعوائون ڪرڻ سان گڏ وارثن کي آسرا پڻ ڏنا پر کيس بازياب ڪرائي نه سگھيا. جڏھن ته اھا ڳالھه سڀني کي معلوم آھي ته نازيه کوسو ڪنھن وٽ يرغمال بڻيل آھي.

معصوم پريا جي گمشدگي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ  نه رڳو چيلنج بڻيل آھي پر اھا سندن ڪارڪردگي  ۽ اھليت مٿان سواليه نشان پڻ آھي. مٿن عوامي دٻاءُ  ھجڻ جي باوجود به پوليس پنھنجي روايتي سستي ۽ لاپرواھي مان ڪم وٺي رھي آھي، جڏھن ته ان معاملي ۾ کيس پنھنجو پيشوراڻو ۽ اخلافي فرض ايمانداري سان نڀائڻ گھرجي ھا. ڇو ته ھر ڏينھن ھڪ ماءُ جي تڙپ وڌندي رھي ٿي ۽ اھا آهه آسمان جو سينو چيرڻ جي سگھه رکي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.