سنڌ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت ٻين ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي ڪراچي ۾ 9 خالي سيٽن تي ميئر ڪراچي ۽ ڊپٽي ميئر سوڌو 54 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو.
ڪراچي کانسواءِ سکر، گھوٽڪي، خيرپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد ۽ نوشهروفيروز ۾ به پولنگ جو عمل صبح جو 8 وڳي کان 5 وڳي تائين جاري رهيو.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اڄ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ته 21 سيٽن تي پولنگ جاري آهي جنهن لاءِ 14 ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ۽ 20 رٽرننگ آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب سڄي سنڌ ۾ 163 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون، 72 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 89 کي حساس قرار ڏنو ويو، 616 پولنگ بوٿ بڻايا ويا آهن جن مان 312 مردن لاءِ ۽ 304 عورتن لاءِ آهن.
اليڪشن ڪميشن چيو ته ڪراچي ۾ 121 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون، 42 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 79 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چونڊون آزاد ۽ منصفاڻيون يقييني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل جي نگران لاءِ هڪ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو.
ميئر ڪراچي، جماعت اسلامي، ٽي ايل پي جا اميدوار آممهون سامهون
ڪراچي ۾ آمهون سامهون 54 اميدوارن مان ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ پ پ سان واسطو رکندڙ نائب ميئر سلمان عبدالله مراد ڪراچي جي 7 مان 5 ضلعن ملير، سينٽرل، اوڀر ۽ ڪياماڙي جي 9 يونين ڪميٽين (يو سيز) ۾ مڪاني چونڊن ۾ حصو ورتو.
مرتضيٰ وهاب پهريان يوسي 13 صدر ٽائون، يوسي 3 ماڙيپور ٽائون ۽ يوسي 8 ابراهيم حيدري جي 3 سيٽن تي يوسي چيئرمين لاءِ نامزدگي ڪاغذا جمع ڪرايا هئا پر يوسي 8 ۾ هو جماعت اسلامي جي اميدوار جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار طرفان نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ سبب بنا مقابلي ڪامياب ٿيويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.