پيٽروليم شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت پيٽروليم شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب حڪومت طرفان پيٽروليم شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌائڻ جو فيصلو وچ اوڀر جي صورتحال سبب ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پاڪستان ٻارڻ درآمد ڪندو آهي پر اسٽوريج جي صلاحيت وڌائڻ جي فوري ضرورت آهي، اسٽريٽجڪ پيٽرويل شين جا ذخيرا پي ايس او ذريعي رکيا ويندا.
ذريعن موجب هن وقت ملڪ ۾ پيٽروليم ڪمپنين کي 21 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جو ذخيرو رکڻ لازمي آهي، حڪومت چاهي ٿي ته اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرا گھٽ ۾ گھٽ 3 مهينن لاءِ هجڻ گھرجن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حتمي ذخيرا ۽ مدت جو تعين رڳو ملڪي ضرورتن جو غور سان جائزو وٺڻ بعد لڳائي سگھجي ٿو جنهن لاءِ حڪومت فريم ورڪ تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) عالمي ماهرن جي مدد سان اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي حوالي سان نئين فريم ورڪ جي طور تي تياري ڪندو، نئين فريم ورڪ ۾ ملڪي ڪچي تيل، رفائنڊ پيٽروليم شين ۽ اسٽوريج جو تعين ڪيو ويندو.
نئون فريم ورڪ مختلف شين جي اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي مدي جو به تعين ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.