مولانا فضل الرحمان به غزا جنگ بندي لاءِ سرگرم، حماس اڳواڻن سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان قطر ۾ حماس جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي.
جي يو آءِ ف پاڪستان جي ميڊي سيل موجب مولانا فضل الرحمان حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه ۽ اڳوڻي سربراهه خالد مشعل سميت ٻي حماس قيادت سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ فلسطين مسئلي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
فضل الرحمان چيو ته ترقي يافتا ملڪ جي دعويدارن جا هٿ معصوم ٻارن ۽ عورتن جي رت سان رڱيل آهن، وقت اچي ويو آهي ته مسلمان امت عملي ميدان ۾ فلسطيني ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي.
اسماعيل هنيه چيو ته اسرائيل فلسطين ۾ ظلم ڪري قبله اول کي هيڪل ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مسلمان امت جو فرض آهي ته اها اسرائيلي ظلمن خلاف گڏ ٿي، انساني حقن جا دعويدار ملڪ هٿيارن سان ڀريل جهاز کڻي تل ابيب پهچي رهيا آهن، مسلمان امت به فلسطيني ڀائرن جي حمايت لاءِ ميدان ۾ نڪري، پنهنجين مائرن ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد ڪري.
خالد مشعل جو چوڻ هو ته ڪشمير ۽ فلسطين تي ڊگھي عرصي کان ظلم انساني حقن جي دعويدارن جي منهن تي چماٽ آهن.
مولانا فضل الرحمان قطر کان پوءِ ترڪيه جو دورو ڪندو، مولانا ترڪيه ۽ قطر جي حڪومتي شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندو ته جيئن جنگ بندي ڪرائي سگھجي.
مولانا فضل الرحمان غزا ۾ ڦاٿل مظلوم فلسطينين لاءِ امدادي سامان جي پهچي سميت ٻين معاملن تي به عرب ملڪن جي قيادت سان ڳالهيون ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.