غزا ۾ اسرائيلي بربريت جاري، شهيد فلسطينين جو انگ 9770 ٿي ويو

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي بربريت جو سلسلو 30 هين ڏينهن به جاري آهي جنهن دوران وڌيڪ سوين فلسطيني سهيد ٿي ويا.
فلسطيني صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي جارحيت سان وڌيڪ 270 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن کان پوءِ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين شهيدن جو انگ 9770 ٿي ويو آهي.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شهيدن ۾ 4880 ٻار ۽ 2550 عورتون به شامل آهن.
صحت وزارت طرفان ريڊ ڪراس ڪميٽي ۽ مصر کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته شديد زخمين کي غزا مان محفوظ طور ڪڍيو وڃي.
صحت واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ريڊ ڪراس کان زخمين کي محفوظ طور ڪڍڻ لاءِ محفوظ فرستو ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.
هن چيو ته هڪ آپشن اهو اهي ته مصر طفان ايمبولينسون غزا موڪلي زخمين جي انخلا کي يقيني بڻايو وڃي.
واضح رهي ته اسرائيل طرفان ايمبولينسن جي قافلي تي بمباري کان پوءِ زخمين کي غزا مان مصر منتقل ڪرڻ جو عمل بيهجي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.