اسرائيلي وزير غزا تي ايٽم بم ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) انتهاپسند اوزما يهوديت پارٽي سان واسطو رکندڙ اسرائيلي وزير چيو آهي ته غزا جنگ کٽڻ لاءِ اسرائيلي فوج وٽ ڪيترائي آپشنز آهن جن ۾ آخري ۽ حتمي قدم ايٽم بم ڪيرائڻ آهي.
اسرائيلي خابرو ادري موجب انٽرويو ۾ غزا تي ايٽمي حملي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ اسرائيلي ثقافت واري وزير اميچائي الياهو چيو آهي ته اسرائيلي فوج وٽ غزا جي جنگ جو هڪ حل اهو آپشن به آهي.
کاٻي ڌرجي جماعت سان واسطو رکندڙ الياهو غزا ۾ انساني همدردي تحت موڪليل عالمي امداد جي پهچ جي اجازت تي اعتراض واريندي غزا ۾ انساني الميو پيدا ٿيڻ ۽ ٻارن سميت عورتن جي قتل عام کي پروپيگينڊا قرار ڏنو.
اسرائيلي وزير انساني همدردي تحت موڪليل امدادي سامان کي فلسطيني ضرورتمندن تائين پهچائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.
ڪٽر يهودي تنظيم جي تعصبي وزير غزا مان فلسطينين کي بي دخل ۽ سندن گھرن کي تباهه ڪرڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته فلسطيني آئرلينڊ وڃن يا ڪنهن رڻ جو رخ ڪن. اهو فيصلو هنن کي پاڻ کي ڪرڻو آهي.
اسرائيلي وزير چيو ته غزا جي اتر واري پٽي کي وجود جو ڪو به حق ناهي، فلسطين يا حماس جو جهنڊو ڦڙڪائيندڙن کي هن زمين تي زندهه نه رهڻ گھرجي.
واضح رهي ته ڄاڻايل اسرائيلي وزير جنهن جماعت سان واسطو رکي ٿو اها غزا پٽي جي اتر واري علائقي مان فلسطينين کي بي دخل ڪري يهودين کي آباد ڪرڻ جي حامي جماعت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.