برازيل، بوليويا ۽ ڪولمبيا اسرائيل سان سفاتي ناتا ختم ڪري دنيا کي هڪ سخت پيغام ڏنو آھي ته اسان هن بربريت کي تسليم نٿا ڪريون هنن ملڪن ۾ سوشلسٽ حڪومتون آھن جيڪي اڳ ۾ ئي آمريڪا جي سامراجيت مخالف آھن هن سموري صورتحال ۾ جنگ ڦھلجندي نظر اچي رهي آھي اسرائيل هن وقت تائين بي دردي سان نئون هزار فلسطيني عام ماڻهو ماري چڪو آھي جيڪو هن دور جي تاريخ جو المناڪ باب آھي
غزا تي اسرائيل جي لاڳيتي بمباري جي مذمت ڪرڻ ۾ جِتي مسلمان ملڪ سڀني کان اڳيان آهن، اتي ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي ڪجهه ملڪن پڻ کُلي ڪري اسرائيلي ڪاروائين تي ڇوھ ڇنڊيا آھن.وچ آمريڪي خطي جي ملڪ بوليويا غزا ۾ انساني جانين جي وڏي پيماني تي ٿيل نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته چِلي ۽ ڪولمبيا پنهنجي سفارت ڪارن کي واپس سڏائي ورتو آهي.بوليويا ھن کان اڳ 2009 ۾ به غزا تي اسرائيلي بمباري کانپوءِ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا ھئا، جيڪي 11 سالن کانپوءِ نگران صدر جينن اينز بحال ڪيا.
بوليويا ۽ چِلي اسرائيل تي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي جو الزام ھڻندي غزا ۾ امداد پهچائڻ تي زور ڀريو آهي، جڏھن ته لاطيني آمريڪا جي ملڪن برازيل ۽ ميڪسيڪو به غزا ۾ جنگ بندي جي گُھر ڪئي آهي.انھن ملڪن جي ردعمل تي اسرائيل جي پرڏيهي وزارت پاران فوري طور ڪوبه بيان نه ڏنو ويو آھي.ڪولمبيا جي صدر گستاوو پيٽرو اربع ڏينهن سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ اسرائيلي حملن کي فلسطينين جي نسل ڪُشي ڪوٺيندي چيو ته هُن اسرائيل مان پنهنجي سفير کي مشاورت لاءِ گھُرائي ورتو آهي، ۽ جيڪڏهن اسرائيل اھو عمل بند نه ڪيو ته اسين اُتي نه ويهنداسين.
ان کان اڳ برازيل جو صدر به غزا تي اسرائيلي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري چڪو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪيترن ئي ذهنن ۾ ضرور اهو سوال پيدا ٿيندو ته آخرڪار فلسطين کان گھڻو پري جا ڏکڻ آمريڪي ملڪ به ان تڪرار تي ايڏو چِٽو موقف ڇو اختيار ڪري رهيا آهن؟ان جو جواب ڪيترن ئي لاطيني آمريڪي ملڪن جي اندروني سياسي معاملن سان ڳنڍيل آهي. انهن مان اڪثر ملڪن ۾ کاٻي ڌر جون پارٽيون ۽ سياستدان ڪافي مضبوط رھيا آهن، جن تاريخي طور فلسطينين جي حمايت ڪئي آهي.انھن ئي ملڪن ۾ ساڄي ڌر جا حڪمران آمريڪا سان ويجهڙائي يا ان جي پُھچ جي ڪري پنهنجو وزن اسرائيل جي پُڙ ۾ وجهندا رهيا آهن، يا وري وچولو رستو وٺي مسئلي جي پرامن حل جي حمايت ڪندا رهيا آهن.
اسپين جي ٿنڪ ٽينڪ ’ايلڪانو رائل انسٽي ٽيوٽ‘ موجب لاطيني آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏيون يهودي ۽ فلسطيني ڪميونٽيون آباد ھئڻ ڪري اسرائيل ۽ فلسطين جو تڪرار اڄڪلهھ بحث جو موضوع بڻيل آهي.ٿنڪ ٽينڪ موجب ھاڻوڪي جنگ ۾ به لاطيني ۽ وچ آمريڪي ملڪن ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌُر جو اختلاف سامھون آيو آهي. خطي جا ڪيترائي ملڪ اسرائيل جي بچاءُ واري حق جي حمايت ڪري رهيا آهن، جن ۾ پيراگوئي، ڪوسٽا ريڪا، پيرو، گوئٽي مالا، ڊومينڪ ريپبلڪ ۽ پاناما شامل آهن. سن 2011 ۾ لاطيني آمريڪي ملڪن برازيل، بوليويا، يوراگوئي، ايڪواڊور ۽ وينزويلا فلسطين کي آزاد رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھيو.
ماهرن موجب تازن ڪجهه سالن ۾ لاطيني آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ کاٻي ڌر جا سياستدان اقتدار ۾ آيا آهن، ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو ھو اسرائيلي حملن جي کُلي ڪري مخالفت ڪري رهيا آهن.ڪولمبيا ۽ چلي جيتوڻيڪ اسرائيل تي حماس جي حملن جي مذمت ڪئي ھئي، پر غزا تي اسرائيلي بمباري تيز ٿيڻ کانپوءِ ھُنن اسرائيل خلاف بيانن ۾ سخت لھجو استعمال ڪيو.
ڪولمبيا جي صدر گسٽاو پيترو سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ اسرائيلي ڪاروائي کي ٻي مھاڀاري لڙائي دوران نازين جي يهودين مٿان ڪيل ظلم سان ڀيٽ ڪئي. اهڙي سخت بيان کانپوءِ اسرائيل اعلان ڪيو ته ھو ڪولمبيا کي دفاعي شعبي جو سامان ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندو. لاطيني آمريڪا جي ٻين ملڪن ڪيوبا، وينزويلا ۽ نڪاراگوا پڻ حماس جي ستين آڪٽوبر واري حملي جي مذمت ڪرڻ کان پاسو ڪندي ان کي اسرائيلي پاليسين جو نتيجو قرار ڏنو.نيڪاراگوا جي صدر ڊينيئل اورٽيگا پاڻ کي فلسطين جو وڏو حامي قرار ڏئي رهيو آهي. تازي جنگ دوران سندس پرڏيهي وزير ’فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن‘ جي ھڪ اھم اڳواڻ رمزي رباح کي ملڪ ۾ ڀليڪار چيو.وينزويلا به حماس جي مذمت ڪرڻ کان پاسو ڪندي تڪرار جي نبيري لاءِ ڌرين وچ ۾ بامقصد ڳالهيون شروع ڪرڻ تي زور ڀريو ھيو.
اسرائيلي فوج پاران غزا جو گھيرو ڪرڻ جي دعويٰ، مارجي ويلن جو انگ 9 هزار ٿي ويو، اسرائيل جي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هُن غزا شهر جو گهيرو ڪري ورتو آهي، جڏھن ته حماس جي ويڙهاڪن پاران به لڪي حملا ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي.اسرائيلي فوج جي ترجمان خميس ڏينهن ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته فوج غزا شھر جو پوري ريت گهيرو ڪري ڇڏيو آهي، جتان خبرن جي اداري ’رائٽرز‘ موجب وڏي پيماني تي ڌماڪن جا آواز ٻُڌجي رهيا آهن.
اسرائيلي وزيراعظم هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ”اسان جي جنگ ھن وقت چوٽ چڙھيل آهي. غزا کي پار ڪري اسان کي وڏي ڪاميابي ملي آهي، ۽ اسرائيلي فوج اڳتي وڌي رهي آهي.“ جيتوڻيڪ ھُن اهو نه ٻڌايو ته فوج غزا جي زميني آپريشن ۾ ڪهڙي ڪاميابي ملي آهي.اسرائيلي فوج جو چوڻ آھي غزا ۾ مختلف هنڌن تي ڪاروائيون ڪندي 18 فوجي مارجي ويا آهن، حماس دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو انگ اڃا وڌيڪ آهي.حماس جي هٿياربند ونگ ’القسام برگيڊ‘ جي ترجمان خميس تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ چيو ته اسرائيلي سپاهي غزا مان ’ڪارن ٿيلهن‘ ۾ ويڙھجي واپس ويندا.
رپورٽن ۽ سوشل ميڊيا تي ھلندڙ وڊيوز موجب حماس ۽ اسلامڪ جهاد جا ويڙهاڪ سرنگھن مان نڪري اسرائيلي ٽينڪن کي نشانو بڻائن کانپوءِ زمين ۾ ٺھيل ڳُجھن رستن ۾ ھليا ويندا آهن.اھڙي ھڪ ڪارروائي حماس پاران جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ پڻ ڏسي سگھجي ٿي.ستين آڪٽوبر تي اسرائيل تي حماس جي حملي ۾ 1400 ڄڻا مارجي ويا هئا، جڏهن ته حماس جا ويڙهاڪ 200 کان وڌيڪ ماڻھن کي اسرائيل مان يرغمال بڻائي پاڻ سان گڏ غزا ڏانهن وٺي ويا، جن مان ڪيترائي اڃا تائين سندن قيد ۾ آهن.
حماس جي حملي جي جواب ۾ اسرائيل فضائي ۽ زميني ڪاروائيون ڪري رھيو آھي، جن ۾ ھن وقت تائين 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن. غزا جا لکين فلسطيني بي گهر ٿيا آهن جن وٽ کاڌي، دوائن، پاڻي ۽ ٻارڻ جي سخت کوٽ آهي.گڏيل قومن جا امدادي ادارا مصر مان ’رفح ڪراسنگ‘ جي ذريعي شهرين تائين سھائتا جو سامان پهچائي رهيا آهن، جنھن جو مقدار تمام گهٽ ٻڌايو پيو وڃي.
آمريڪا غزا ۾ ھلندڙ جنگ ۾ وقفي تي زور ڀريو آھي ۽ مڪمل جنگ بندي جي مخالفت ڪئي آهي.آمريڪا جو پرڏيهي وزير، اينٽني بلنڪن جمعي جي ڏينھن اسرائيل پهچي غزا جي صورتحال تي وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات ڪندو.هنن ملاقاتن جو ڪو نتيجو نه نڪتو ته هي جنگ ڦھلجي ويندي جنهن جا اثر هن وقت به دنيا تي نظر اچي رهيا آھن