ادبي ميلن سان سماجي هم آهنگي وڌي ٿي: نگران وڏو وزير

سکر/ ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي  افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ صوبائي وزير محمد عمر سومرو، ڪمشنر سکر ڊويزن سميع الدين صديقي، ڊي آءِ جي سکرعبدالحميد کوسو، ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ڊپٽي ڪمشنرن، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر ڪميل حيدر شاهه، تعليمي ماهرن، اديبن سميت نامور صحافين، فنڪارن، آفيسرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جسٽس (ر) مقبول باقر پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان لٽريچر فيسٽيول سکر اسان جي قوم جي پائيدار جذبي جو ثبوت آھي، فن، ثقافت ۽ ادب قومي سڃاڻپ کي دنيا آڏو پيش ڪندا آهن، ھن چيو ته آرٽس ڪائونسل ڪراچي ثقافت لاءِ ھڪ مينار طور تي بيٺل آھي، آرٽس ڪائونسل اسان جي ثقافتي ورثي کي پيش ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ لاءِ محنت ڪري رھيو آھي جتي ترقي پسند ۽ فڪري ڳالھ ٻولھ کي ھٿي ڏيڻ لاءِ سندس عزم بي مثال آھي، هتي ادبي ميلي جو افتتاح علمي ۽ ثقافتي سرگرمين لاءِ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته ثقافتي پروگرامن ۾ خيالن، تصورن ۽ مختلف آوازن کي همٿائيندا آهن. هن چيو ته هن وقت قوم اندروني ۽ بيروني چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. وڏي وزير چيو ته تفريحي سرگرمين جو انعقاد بهتر سماج جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.