گولاڙچي ( ن ع آ ) سنڌ هاري ڪميٽي پاران پرڏيهن جي نيڪالي، فصلن جي اگهن ۾ لاٿ، سنڌ جي زمينن جي نيلامي، وسيلن جي ڦرلٽ، ڌاڙيل راڄ توڙي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، اسحاق سنڌي، شعيب باجوا ، ولي محمد برهماڻي ۽ محبوب حيدر جي اڳواڻي ۾ گولاڙچي شھر کان فاضل چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ آبادگارن، هارين توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو چيو ته آبادگار ۽ هاري، سرمائيدارن جي رحم ۽ ڪرم تي آهن، جيڪي مرضي جا اگهه مقرري سندن معاشي قتل ڪري رهيا آهن.هن چيو ته سنڌ جي قدرتي ۽ معدني وسيلن، روزگار، شھرن ۽ لکين ايڪڙ زمينن تي سازش تحت قبضو ڪيو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ون يونٽ ھڻي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي بعد ٻيهر سبز انقلاب جي نالي تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن ۽ مقامن ڪارونجھر، گورک، کيرٿر نيشنل پارڪ، گنجو ٽڪر، ڪينجھر ڍنڍ، ھاليجي ڍنڍ، منڇر، ڀنڀور سميت ٻين تاريخي ثقافتي ماڳن تي والار جاري آهي.