لنڊن ( م ڊ ) فاطمه ڀٽو آمريڪا ۽ اولهه ميڊيا تي فلسطين بابت ٻٽي معيار تي تنقيد ڪئي آهي، ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ فاطمه ڀٽو چيو ته ڇا نيويارڪ ٽائيمز ۽ بي بي سي جهڙا وڏا خابرو ادارا ان حقيقت کي لڪائڻ لاءِ تيار آهن ته الشفا اسپتال تي بمباري جي صورت ۾ اسرائيل ذميوار هو؟ پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ڇا اسرائيل بنا ڪنهن مداخلت جي غزا ۾ حملا ڪري ماڻهو مارڻ لاءِ مواصلاتي رابطا بند ڪيا آهن؟ ڇا وائيٽ هائوس چوندو ته بليڪ آئوٽ دوران ڪو به فلسطيني نه ماريو ويو آهي؟