ٻيلو شھر/دڙو/سجاول (نمائندا) ٻيلو شھر ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ شير هالو ۾ زمين مان موري جي ڀاڄي پٽڻ تان ٻجورا ۽ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب ملاح ڌر جو عبدالله ملاح تڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته بلاول ملاح، ارباب ملاح، يعقوب ملاح، علي ملاح گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا ملاح ڌر جي ماڻھن ڪهاڙين جا وار ڪري ٻجورا ڌر جي سڪندر ٻجورو جميل پيرو غني لکمير ٻجورو سميت ڇهن ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو ڇھه سخت زخمين کي طبعي امداد بعد ڪراچي رفر ڪيو ويو جتي ٽن زخمين جي حالت سيريس ٻڌائي پئي وڃي ٻئي طرف ٻيلو پوليس ٻجورا ڌر جي رزاق ٻجورو بابو ٻجورو سميت چار ڄڻا گرفتار ڪري ورتا ايس ايڇ او ٻيلو ٻڌايو جهيڙي تي ڪنٽرول ڪيو آھي جڏهن ته پوليس پاران ٻجورا برادري جا ڪجھ ماڻهو گرفتار ڪري انهن کي ڇڏي ڏيڻ تان پوليس جي موجودگي ۾ ٻنھي ڌرين وچ ۾ هڪ دفعو ٻيهر جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري لکمير ٻجورو، سڪندر، حڪيم ،خدا بخش سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي هوڏانهن پوليس پاران رزاق ۽ بابو ٻجورو سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي.