غزا تي حملا روڪرايا وڃن، او آءِ سي سيڪريٽري جنرل جو عالمي ڌرين کي خط

رياض(م ڊ) او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل عالمي ڌرين، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر ملڪن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، يورپي يونين ۾ پرڏيهي پاليسي جي عهيدارن،  ريڊ ڪراس جي اڳواڻن ۽ گڏيل قومن جي ماتحت انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي نالي خط لکيا آهن. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته غزا ۾ فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي جارحيت جاري آهي جنهن کي بند ڪرائڻ لاءِ عالمي ڌريون پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

پي آءِ اي ۽ پي ايس او وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا

اسلام آباد ( م ڊ ) قومي ايئر لائين پي آءِ اي ۽ پي ايس او وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن. ترجمان جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ تيل جي فراهمي ۾ واڌ ٿيندي. ترجمان موجب ٻارڻ جي کوٽ سبب متاثر ٿيندڙ اڏامن جو شيڊول معمول تي اچي ايندو. ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ايس او جي اعليٰ انتظاميا معاملا حل ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪيو آهي.

آسٽريليا نيوزي لينڊ کي سخت مقابلي کانپوءِ 5 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ڌرم شالا(م ڊ)آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ آسٽريليا نيوزي لينڊ کي سخت مقابلي کانپوءِ 5 رنسن تان هارائي ڇڏيو، ڪينگروز پهرين بيٽنگ ڪندي 388 رنسن جو هدف ڏنو جنهن ۾  تراوس هيڊ جي شاندار سينچري شامل هئي. جواب ۾ نيوزي لينڊ جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 383 رنسون ٺاهيون، ڪيويز ٽيم ڪاميابي جي ويجهو پهچي همت هاري ويٺي، مچل اسٽارڪ آخري اوور ۾ 19 رنسن جو دفاع ڪري ٽيم کي شڪست کان بچايو. رچن روندرا 116 رنسن جي دلڪش انگز کيڏي تنهن هوندي به هو پنهنجي ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگهيو، تراوس هيڊ کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ڇنڇر ڏينهن ڌرم شالا جي هماچل پرديش اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽورنامينٽ جي 27هين ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 49.2 اوورن ۾ 388 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، تراوس هيڊ ۽ ڊيوڊ وارنر جارحاڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي 175 رنسن جو جاندار آغاز فراهم ڪيو، وارنر 65 بالن تي 81 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، تراوس هيڊ 59 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي ۽ 109 رنسن جي دلڪش اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، ٻين بيٽسمينن ۾ گلين ميسڪويل 41، جوش انگلس 38، پيٽ ڪمنز 37 ۽ مچل مارش 36 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. نيوزي لينڊ طرفان ٽرينٽ بولٽ ۽ گلين فلپس ٽي، ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون، وڏي هدف جي مقابلي ۾ ڪيوي بيٽسمينن به ڀرپور مقابلو ڪيو تنهن هوندي به ميچ جو نتيجو پنهنجي حق ۾ نه ڪري سگهيا، نيوزي لينڊ جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 383 رنسون ٺاهي سگهي، رچن روندرا 89 بالن تي 116 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 5 ڇڪا ۽ 9 چوڪا شامل هئا، جيمز نيشم 58 ۽ ڊيرل مچل 54 رنسن جي اننگز کيڏي، آسٽريليا طرفان ايڊم زامپا ٽي جڏهن ته جوش هيزل ووڊ ۽ پيٽ ڪمنز ٻه، ٻه رانديگر آئوٽ ڪيا.اي

جماعت اسلامي جو غزا مارچ، انتظاميا ۽ پوليس ۾ چڪريون، گرفتاريون

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف غزا مارچ جي معاملي تي جماعت اسلامي ۽ مقامي انتظاميا  آمهون سامهون ٿي ويا. جماعت اسلامي موجب اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا مارچ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو.ضلعي انتظاميا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته قلم 144 جي پابندي باوجود جماعت اسلامي مارچ ۽ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، ان جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. اسلام آباد پوليس سرينا چوڪ وٽان جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، گرفتار ٿيلن ۾ جماعت اسلامي اسلام آباد جو امير نصرالله رنڌاوا ۽ ترجمان عامر بلوچ به شامل آهن. جماعت اسلامي جي اڳواڻ ميان اسلم الزام مڙهيو ته پوليس ڪيمپ ڊاهي پٽ ڪري ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو. جماعت اسلامي پاران سرينگر هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن بعد ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون. اسلام آباد پوليس جماعت اسلامي جي ڪارڪنن تي شيلنگ ڪئي جڏهن ته ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو. پوليس جي شيلنگ بعد مظاهرين ڇڙ وڇڙ ٿي ويا ۽ سرينگر هاءِ وي کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو. جماعت اسلامي جي ترجمان موجب، جماعت اسلامي مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هر صورت ۾ مارچ ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.