اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمي فيصلي خلاف وفاقي حڪومت جي انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي اڱاري ڏينهن ٿيندي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ اپيل تي ٻڌڻي ڪندي. جسٽس امين الدين، جسٽس جمال خان، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي لارجر بينچ ۾ شامل هوندا. سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جي اپيل تي ٽرائل جي وڪيلن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.