سکر/پنو عاقل/ سلطانپور/ڪنگري(نمائندن وٽان) سلطانپورڀرسان ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بادوخان شر ۾ پراڻي زميني تڪرار تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران پيرجو ڳوٺ خيرپور کان فيصلي لاءِ آيل شر برادري جي ھٿياربندن پاران موقعي جو فائدو وٺندي اوچتو انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ھدايت الله پٽ مير محمد شر ۽ عابد علي پٽ عطامحمد شر قتل ٿي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا عطامحمد پٽ قبول خان ۽ محمد عمر پٽ انور علي شر سخت زخمي ٿي پيا سلطانپور ڪينٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪنٽرول سنڀالي ورتو جڏھن تـ فائرنگ ڪري فرار ٿيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سلطانپور،سانگي ۽ دبر ٿاڻن جي حد ۾ ناڪابندي ڪئي وئي ۽ وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا ڪمند جي سوين ايڪڙ بيٺل فصل ۾ لٿل آھن اوچتو پيش آيل خوني واقعي ۾ فائرنگ بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو آھي، ٻئي پاسي عوامي آواز ٽيم پاران موقف پڇڻ تي ايس ايڇ او سلطانپور محمد خان سيال ٻڌايو ته واقعو پراڻي زميني تڪرار تان پيش آيو آھي ڪينٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪنٽرول ڪري ورتو آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ سال اڳ مامي هدايت ﷲ شر ۽ ڀاڻيجي مولا بخش شر وچ ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو هو جنهن ۾ مامن هٿان نوجوان نسيم احمد شر مارجي ويو هو جنهن معاملي جي نبيري لاءِ ڌريون تاريخ وٺڻ لاءِ پني عاقل جي ڳوٺ بادو شر ويل هيون جتي هڪ ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪئي ڌرين جي جهيڙي ۾ هيل تائين مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال هجڻ ڪري خوف واري صورتحال آهي