ترڪيه ۾ لکين ماڻهن جي ريلي، اسرائيل دهشتگرد آهي: اردگان

استنبول(م ڊ)ترڪيه ۾ فلسطينين سان ايڪتا لاءِ صدر رجب طيب اردگان جي اڳواڻي ۾ لکين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي، صدر اردگان  خطاب ڪندي چيو ته حماس نه اسرائيل دهشتگرد آهي، اسان اسرائيل کي جنگي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيارينداسين، هن چيو ته 1947ع ۾ غزا ،فلسطين ڇا هو؟ اڄ ڇا آهي؟ اسرائيل! توهان هتي ڪيئن داخل ٿيو؟هن چيو ته جنگ بندي جي اعلان کان اڳ ڪيترا معصوم ٻار، عورتون ۽ پيرسن شهيد ڪيا ويندا، هن اولهه کي اسرائيل سان جنگي ڏوهن جو به شريڪ ذميوار قرار ڏنو،ٻئي پاسي ترڪ صدر جي تقرير تي اسرائيلي پرڏيهي وزير ڏمرجي پيو ۽ ترڪيه مان پنهنجي سفارتي عملي کي واپس گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.