اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف ايندڙ هفتي کان سياسي جماعتن سان ڳالهين جو فيصلو ڪري ورتو آهي جاري ڪيل پڌرائي موجب تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي ذيلي سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ هفتي کان ٻين سياسي پارٽين سان رابطن جي شيڊول کي حتمي شڪل ڏني وئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ سياسي پارٽين سان لاڳاپن جي مختلف رخن، ملڪي سياسي صورتحال ۽ سياسي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پڌرائي موجب پ پ اڳواڻن جي ليول پلينگ فيلڊ ۽ چونڊ عمل ۾ پي ٽي آءِ جي شموليت بابت بيانن جو به جائزو ورتو ويو.پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي جو پي ٽي آءِ جي شموليت کانسواءِ چونڊون نه ڪرائڻ جو بيان سٺي سوچ جي عڪاسي آهي، آزاد، شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊن لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي برابر جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته لنڊن معاهدي تحت ڪنهن به سياسي جماعت کي چونڊ عمل مان ٻاهر ڪرڻ جا ناڪاري اثر پوندا، آزاد، منصفاڻي ۽ بروقت چونڊن لاءِ هر هاڪاري ڪردار جي آجيان ڪنداسين.