نيويارڪ (م ڊ) آمريڪي ماڊل بيلا حديد اسرائيل جي جنگي ڏوهن تي خاموشي ختم ڪري ڇڏي آهي. فلسطينين جي کلي حمايت ڪندي بيلا حديد موجوده اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ اسرائيل طرفان جنگي ڏوهن تي پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي انسٽاگرام تي پنهنجي ڊگهي پوسٽ جي شروعات ان جملي سان ڪئي آهي ته هو پنهنجي ڊگهي خاموشي تي معذرت ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته کيس پنهنجي جذبن جو اظهار ڪرڻ لاءِ اهي مثالي لفظ نه ٿا ملن جن جي ذريعي هو گذريل ٻن هفتن کان انتهائي مشڪل، پريشان ۽ خوفناڪ صورتحال ۾ رهي آهي.
مقتدي الصدر جو عراق ۾ آمريڪي سفارتخانو بند ڪرڻ جو مطالبو
بغداد (م ڊ) عراق جي اڳواڻ مقتدي الصدر ملڪ ۾ آمريڪي سفارتخانو بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق مقتدي الصدر اهو مطالبو آمريڪا طرفان غزا خلاف اسرائيل جو ساٿ ڏيڻ کان پوءِ ڪيو ويو آهي. هن پنهنجي مطالبي سان گڏ اها ڌمڪي پڻ ڏني ته جيڪڏهن حڪومت ۽ پارليامينٽ ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪيو ته هو وڌيڪ قدم کڻڻ لاءِ پاڻ سوچيندو.
فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس تي پهرين نومبر تي ٻڌڻي
اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس تي اربع ڏينهن پهرين نومبر 2023ع تي ٻڌڻي ڪندي. عدالت سڳوري طرفان جاري ڪيل ڪاز لسٽ مطابق چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس
قاضي فائز عيسي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪندي. بينچ ۾ جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر امن الله به شامل هوندو.