اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عمران خان هر طرف کان خاص طور اسٽيبلشمينٽ ۽ صدر علوي کان مايوس ٿيڻ بعد پنهنجن اڳواڻن۽ وڪيلن کي چيو آهي ته سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪيو، نامياري صحافي رئوف ڪلاسرا جو چوڻ آهي ته علي محمد خان، اسد قيصر ۽ بيريسٽر سيف به عمران خان جي چوڻ تي مولانا فضل الرحمان وٽ پهتا هئا. هاڻي ٿي سگهي ٿو ته نواز شريف ۽ پيپلز پارٽي سان به ملاقات ڪري سگهن ٿا. ڇو ته هو چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن، سندن گهڻو ڌيان پ پ ۽ جي يو آءِ طرف آهي جيئن سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ اتحادي بڻجي ڪجهه حصو وٺي سگهن، ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿين ٿا، اهو ته وقت ٻڌائيندو.
صدر علوي ۽ نواز شريف ۾ ملاقات جو امڪان
لاهور (عوامي آواز نيوز) صدر عارف علوي جو نواز شريف کي ملاقات لاءِ پيغام ملي ويو آهي، ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ خاموشيءَ سان ملاقات جو امڪان آهي. نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته اصل ۾ پي ٽي آءِ مائينس عمران چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ سياسي پارٽين سان ڳالهين جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه عرصو اڳ محمد علي دراني به صدر عارف علوي سان ملاقات کان ۽ مولانا فضل الرحمان وٽ پهتو هو ۽ ڳالهيون ٿيون هيون ان بعد اسد قيصر، علي محمد خان ۽ بيريسٽر سيف مولانا وٽ پهتا هئا. ذريعن موجب مولانا کين چيو هو ته ماضيءَ جي سياسي پاليسين کي ترڪ ڪرڻ ۽ معافي وٺڻ جو اعلان ڪن ته پوءِ اڳتي لاءِ سوچيو ويندو. عمران خان پنهنجي ڪيل عملن تي توبهه تائب ٿئي ۽ قوم کان معافي وٺي يا پي ٽي آءِ جي ٻيو نمبر قيادت اهو ڪم ڪري ته سوچيو ويندو. ان بعد اسد قيصر ۽ صدر علوي ۾ رابطا ٿيا آهن، هاڻي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي صدر علوي ملاقات لاءِ پيغام اماڻيو آهي. صحافي موجب محسوس ٿي رهيو آهي ته مائينس عمران خان واري فارمولا تي پي ٽي آءِ قيادت ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته عمران خان ته نه غلطين جو اعتراف ڪندو نه ئي معافي وٺندو ۽ نه توبهه تائب ٿيندو. ان ڪري پي ٽي آءِ جي ٻيو نمبر قيادت ڪوشش ڪري رهي آهي ته سياست ۾ کين گنجائش ۽ قبوليت ملي ان ڏس ۾ شايد صدر علوي به انهن سان متفق آهي. ان ڪري هو نواز شريف سان به ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو. ملاقات شايد مريءَ ۾ ٿيندي ڏسجي ته ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا.
اسٽيبلشمينٽ پرڏيهه موڪلڻ ٿي چاهي، عمران جي نئين پروپيگنڊا
لاهور (عوامي آواز نيوز) اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي پرڏيهه وڃڻ جي آڇ ڪئي پر هو ملڪ کان ٻاهر نه ويندو. نامياري صحافي رضوان رضي جو چوڻ آهي ته عليمه خان کي ڇاڪاڻ ته عمران خان پارٽي ترجمان مقرر ڪيو آهي، ان ڪري عليمه خان جي ڳالهه ۾ وزن ٿي سگهي ٿو. پر ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. سمجهه ۾ اهو ٿو اچي ته عمران خان پنهنجن حامين کي پاڻ سان جوڙي رکڻ لاءِ اها نئين پروپيگنڊا شروع ڪئي آهي، ڇو ته اسٽيبلشمينٽ ڪيئن چاهندي ته عمران خان پرڏيهه وڃي سڀني سياستدانن کي گاريون ڏئي ۽ وي لاگ ڪري ملڪ جي عوام کي ادارن خلاف ڀڙڪائي، ان ڪري عليمه خان جي ڳالهه عقل تسليم نٿو ڪري ۽ اها به ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته عمران خان کي ڪهڙو ملڪ پناهه ڏيندو. ڇو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ ته سمورن دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪري چڪو هو.
نواز شريف کي وطن واپس اچڻ تي راضي ڪيو ويو
اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) برطانوي رسالي اڪنامسٽ ۾ مضمون شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوازشريف پاڪستان واپس اچڻ ۽ وزيراعظم ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو پر کيس ڳالهيون ڪري واپسيءَ لاءِ راضي ڪيو ويو آهي. نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي جلسي ۽ تراني جي به مضمون ۾ تعريف ڪئي وئي آهي. مضمون ۾ لکيو ويوآهي ته جڏهن به نواز شريف کي اقتدار مان ڪڍي جنهن کي اقتدار ۾ آندو ويو آهي اهو سٺو حڪمران ثابت نه ٿيو آهي، ان ڪري هاڻي نواز شريف کي آندو ويو آهي، جيئن پاڪستان کي معاشي طور پاڻڀرو ڪري سگهجي، ڇو ته نه صرف عرب حڪمرانن جو نواز شريف تي اعتماد آهي پر پنجاب جي واپارين جو به نواز شريف تي مڪمل اعتماد آهي.