اسان کي سمجهڻ گهرجي ته جيئن ايسٽ انڊيا ڪپمني، انگريزن جي قدم هن خطي جي لاءِ مبارڪ ثابت ٿيا هئا اهڙي طرح دورانديش ان ڳالھه جا نتيجا اخذ ڪري سگهجن ٿا ته سي پيڪ به ڪو انقلاب پربا ڪرڻ وارو ناهي ان ڪري ته جيتريون فرمائشون سي پيڪ جون آهن ايتريون شايد ان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن به نه ڪيون هيون. اهو به ڏسون ته شروعاتي دور ۾ انگريز سرڪار رڳو پنهنجا لاجسٽڪ (هٿيار) محفوظ طريقي سان پڄائڻ لاءِ سلطنت جي پئيسي مان ريل جون پٽڙيون وڇايون ته جيئن سڪون سان، آرام سان ۽ حفاظتي طريقن سان انگريز سرڪار جون سرڪاري شيون آنديون ۽ نيون وڃن (پوءِ ريل جو سفري نظام جڙيو اها الڳ ڳالھه آهي). ظاهر ۾ اسان کي ائين لڳندو آهي ۽ تاريخي شاهدين مان به اها ڳالھه سمجهي سگهجي ٿي ته انگريز سرڪار ايڏي پازيٽو هئي پر باطني عملن ۾ اهي هن خطي جي ٽرلين ڊالر ٽيڪس جا حقدار بڻجي ويا هيا، اوڳاڙي کڻي ويندا هيا.
بهرحال اسان ته موازنو ٿا ڪيون ته ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪيئن هتي پير ڄمايا ۽ سي پيڪ اسان جي لاءِ ڪهڙا باغ باغيچا هڻندو. ان ڳالھه جو ثبوت ۽ مثال اسان وري به سريلنڪا جي بحري اڏي همباٽوٽا جو ئي وٺنداسين جيڪي پنهنجي بحري اڏي کي گروي رکڻ کانپوءِ سريلنڪا وارا چائنا جي وياج ۾ ايترو ته دٻجي ويا جو ان مان جان ڇڏائڻ جو واحد حل اهيو هين ته اهو چائنا کي ڏئي ڇڏن ۽ آخرڪار ڏنن به. بهرحال هاڻي بيجنگ جي سيڙپڪاريءَ واري بورڊ ۽ نيشنل ڊولپمينٽ اينڊ رفارم ڪميشن آف پاڪستان وري هڪ دستاويز تي صحيون ڪيون آهن جنهن تحت صنعتن جي سيڙپڪاري هاڻي چائنا جي هٿ وس هوندي جنهن ۾ سڀ کان پهرين ڪاٽن انڊسٽريز تي سيڙپڪاري ڪندو (جنهن جا مالڪ اهي چيني ئي هوندا) جنهن جي لاءِ اسپيشل اڪانومڪ زون ٺاهي ڇڏيا اٿن، ان ڪري ته سيڙپڪار ئي مالڪ هوندا ۽ پئسو به انهن جو ۽ ڪمائي به انهن جي ان ڪري گروي رکڻ کان وري هي ٻئي درجي جي ادارن جي کپائڻ جي مهم هوندي، ادارا خانگائڻ واري عمل ۾ هي هاڻي ٿوري ڍر ڪندا، اهي به چائنا جي ڪمپينن کي ڏيندا ويندا ان ڪري ته نه هنن کان ملڪ ٿو هلي نه هنن کان ادارا ۽ نه ئي ڪمپنيون ان ڪري صنعتي ڄار به هاڻي چائنا وڇائيندو ۽ ڪمائيندو به چائنا . (عارضي وزيراعظم جو دور به ان ڳالھه جي پڪ آهي ته هي ڀلي ڪم تي زور ڏين ۽ ڀلي عارضي سرڪار به هجي انهن کي ڪير جهلڻ وارو ناهي).
اها ٻي ڳالھه آهي ته بلوچستان جي حالتن خراب ٿيڻ کانپوءِ چائنا جي نئين فرمائش اها به آهي ته سي پيڪ جي روٽ کي تبديل ڪري گوادر کان ڪراچي جو رستو ۽ ٻيو بي پلان تحت ڪراچي کان وري وڏن شهرن رستي وڃي چائنا کي ملائڻ هوندو. ان ڪري ته وڏن شهرن ۾ لائيف انڊيڪس ٻين شهرن، ڳوٺن کان مڙئي ڪجھه درجا بهتر آهي جو اتي بجلي، پاڻي، روڊ رستا، اسپتالون، پوليس، ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وغيره هر وقت موجود رهن ٿا، ڊيوٽي پزير هوندا آهن ۽ سي پيڪ جي عملي، ان امپورٽ، ايڪسپورٽ جي ”ڪانواءِ“ کي ڪنهن به طرح، طريقي جي ڪا به تڪليف ۽ ڏکيائي پيش نه ايندي. ان ڪري رستي جي نقصان جنهن ۾ ڌاڙا، ڦرون، ڪانواءِ کي نقصان، غير ملڪي ماڻهن کي هراسان ڪرڻ، سندن مال برادار گاڏين جي ڦرجي وڃڻ جي خطري ۽ ان کانپوءِ چائنا جي ساک کي پهتل نقصان جو ازالو شايد اسان نه ڪري سگهون. ان ڪري چائنا هاڻي ان ڪم ۾ تيزي آڻيندو ۽ پنهنجن سيڙايل اربين ڊالر جو فائدو به وٺندو، ان ڪري پلان بي زبردست هوندو.
هاڻي ملڪي صورتحال کڻي ڏکيري ٿيندي ٿي وڃي ۽ ان ڪري بلوچستان جون حالتون به خراب ٿينديون ٿيون وڃن جن جي خراب ٿيڻ جي ڪري پلان اي بگڙي سگهجي ٿو جنهن ۾ غيرملڪي هٿ شامل آهن (جن کي اسان جا اندروني هٿ را، موساد، سي آءِ اي وغيره وغيره چوندا آهن، بهرحال) پر عمران خان جي چئن ڏينهن جي دوري (19 اپريل، 2019) مان هَڙَ حاصل اها به هئي ته اتان جي سيڙپڪارن جي لاڙي سان گڏ ۽ انهن جي نيڪ ارادن جي نسبت وري پاڪستاني اڳ ۾ ٺاهيل، هلندڙ نظامن ۽ اپائن کي به ڏسڻو هيو ته اهي ڪيئن ٿا استعمال ڪري سگهجن ۽ سي پيڪ جي پروگرامن کي هر صورت ڪامياب به ڪري سگهجي. ان ڪري ته گروي رکجندڙ ادارا، ملندڙ قرض ائين به ته ناهن ته اهي رائگان هليا وڃن ۽ سيڙپڪار (چائنا ) ڪجھه به حاصل نه ڪري سگهي، ان ڪري انهن جي هر ڳالھه کي ترجيح ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن سيڙپڪار جي دولت رائگان نه وڃي.
ٻنهي ملڪن جي ان ڳالھه تي وڏو زور آهي ته سي پيڪ هلي ۽ ڪم ۾ تيزي اچي ۽ ايندڙ ٻن سالن تائين جتي سي پيڪ جا روڊ رستا ٺهي پون اتي صنعتي ڄار به وڌندو رهي. ان ڪري ته چائنا جي سيڙپڪاريءَ جو لاڀ اڃان تائين چائنا کي نظر نه ٿو اچي (اها ٻي ڳالھه آهي ته نوڪريون، روزگار ملندا پر ملڪ ۽ صنعتون هٿن مان وينديون ۽ زمين پيرن هيٺان کسڪي هلي ويندي. ان ڪري ته مزدوري ڪري پوءِ ملڪ جي مالڪيءَ جي دعوي نه ٿي ڪري سگهجي، اهو ائين هوندو ڄڻ ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ به ويزا تي ڪم ٿا ڪن، ڇو ته مالڪي ته اسان جي ماڻهن جو نه هوندي)، اهو ٻيو بحث ٿي پوندو جنهن ۾ سڪو رائج الوقت ۽ ٻولي، مارڪيٽ لينگئيج ڇا بيهندي. ان ڪري ته جتي چائنا وارا انگريزي ڳالهائڻ پسند نه ٿا ڪن اتي اسان جو ٻوليون ڇا ڪنديون.
بهرحال اسان به چاهيون ته سي پيڪ هلي ۽ چائنا جا لڳل پئيسا سجايا ٿين. ان کانپوءِ زرعي سيڪٽر به شايد انهن چائنا وارن جي مرهون منت ترقيءَ جي راھ تي اچي وڃي ۽ اهي ئي اسان کي ڏسن ته جديد زراعت ڪيئن ٿيندي آهي، ڪلراٺي زمين ڪيئن آباد ڪجي، گھٽ پاڻيءَ تي گھڻا فصل ڪيئن ڪجن، ڪجھه ٻيو. ڇو ته اسان ته انگريزن کان زمينون ورتيون هيون پر هاڻي ته سي پيڪ ۾ وري موٽائي چائنا کي لکي ٿا ڏيون، اهي ئي گروي ٿا رکندا ٿا وڃن، بس فرق اهو آهي باقي ٻيون ڳالهيون وري ساڳيون هونديون. ان ڪري 1857، 1842 کانپوءِ 1947 آيو، شايد هن خطي جي تاريخ وري هن ايندڙ 47 ۾ ڪا ٻي هجي، ٿي پئي ان ڪري ته اسان جي حڪمران کڻي دور انديش نه هجن پر جيڪي بيروني قوتون هنن کان ڪم ٿيون وٺي، ڊالر ٿيون کارائن انهن جو ”وِجَن“ ۽ نظر ڪا ٻي آهي.
بهرحال اسان ته موازنو ٿا ڪيون ته ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪيئن هتي پير ڄمايا ۽ سي پيڪ اسان جي لاءِ ڪهڙا باغ باغيچا هڻندو. ان ڳالھه جو ثبوت ۽ مثال اسان وري به سريلنڪا جي بحري اڏي همباٽوٽا جو ئي وٺنداسين جيڪي پنهنجي بحري اڏي کي گروي رکڻ کانپوءِ سريلنڪا وارا چائنا جي وياج ۾ ايترو ته دٻجي ويا جو ان مان جان ڇڏائڻ جو واحد حل اهيو هين ته اهو چائنا کي ڏئي ڇڏن .