عورت دشمن سماج جو اڳتي وڌڻ ممڪن ناھي !

سنڌ ۾ رڳو نالي ۾ قاعدا قانون آھن،جن تي عمل جي لاءِ گھڻو وقت ۽ رقم خرچ ڪرڻي پئي ٿي،پر ان ھوندي بھ عالمي سطح جي معيار موجب انصاف ملڻ انتھائي مشڪل ترين مرحلو ھوندو آھي.

سنڌ ۾ لاقانونيت جي راڄ ھلندي روز اھڙا ڪيترائي واقعا ٿين ٿا،جنھن ۾ عورتن جو جيئڻ جنجال ڪيو وڃي ٿو.گسن پنڌن تي عورت محفوظ ناھي. ھٿرادو جوڙيل گھٽيل سماجي دائري ۾ قيد عورت بنا ڪنھن ڏوهه جي عام روين کان ويندي ٻين مردن جي ڪيل ڏوھن جي بدلي ۾ بھ سزا وار ٿئي ٿي.عورتن جي اھڙي طرح جي جاري رھندڙ تذليل، ريپ، عزت نفس جي مجروح ٿيڻ کان ويندي قتل جھڙن واقعن جو شڪار ٿئي ٿي. جنھن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ ڪنھن حد تائين رسمي ڳالھيون تھ ٿين ٿيون پر انھن تي عمل ڪڏھن بھ نھ ٿيو آھي.

تازو ڪنڌرا ۾ مڙس پنھنجي زال کي اذيت ڏيڻ بعد ھن کي جيئري دفن ڪري ڇڏيو،پاڙي وارن جي دانھن تي اختيارن ان تي قدم کنيو، جنھن ۾ رسمي طور ھن کي فوت ٿيڻ بعد ڪفن دفن جو حق تھ مليو پر جيئري ھن کي ھن رياست جو جوڙيل قانون ان ذلت ۽ قتل ٿيڻ کان بچائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو. جوابدار منور ڀاڀو پنهنجي زال 3 ٻارن جي ماءُ فردوس کي قتل ڪري گھر اندر پوري ڇڏيو. پاڙي وارن جي اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو پوريل لاش ڪڍيو.

اھو واقعو ڳوٺ ابيجاڻو ۾ ۾ پيش آيو.جتي 30 ورهين جي فردوس شيخ کي مڙس منور بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ بعد  لاش رلي ۾ ويڙھي گهر اندر کڏو کوٽي پوري ڇڏيو.ان عورت جو ھٿ مٽيءَ مان مٿي نظر اچڻ تي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو ھو.

ھن غيرانساني واقعي تي انساني حقن جي کاتي بھ نوٽيس وٺڻ واري رسم پوري ڪئي آھي ۽  ايس ايس پي سکر کان تفصيل طلب ڪيا آهن.ٻڌايو پيو وڃي ته مڙس پنهنجي زال کي تشدد بعد جيئرو دفنايو ھو ۽ هوءَ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي آھي.

قتل ٿيل عورت جي والدين ڪنڌرا اسپتال مان لاش وصول ڪري  سکر پنھنجي گھر کڻائي آيا. جنهن کي رات دير سان اباڻي  قبرستان سکر ۾ دفنايو ويو.مقتولا عورت جي وارثن جو چوڻ آهي  ته فردوس شيخ ۽ جوابدار منور ڀاڀو پيار جو پرڻو  ڪيو ھو، فردوس سکر مان گھران نڪري اٺ سال اڳ 2016 ۾ ڪنڌرا شھر جي ڳوٺ ابيجاڻو واسي منور ڀاڀو سان خيرپور ميرس جي عدالت۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو جنھن مان ٽي ٻار به پيدا ٿيا آهن پر نه ھن پنھنجو پيار ڏٺو نه ئي ٻار نظر آيس ظالم اسان جي نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جوابدار  پنھنجي گھر واريءَ تي اڪثر تشدد ڪندو  رھندو ھو ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪنڌرا پوليس کي عورت اھڙيون شڪايتون  ڪيون ھيون  پر پوليس ڪو به نوٽيس نه ورتو. آخر ڪار منور ڀاڀو پسٽل جا فائر ڪري مسمات فردوس کي منھن ۾ گوليون ھڻي قتل  ڪري لاش گھر ۾ پوري ڇڏيو.

واقعي ٿي وڃڻ بعد ان جي مخلتف پاسن تي بحث ٿي سگھي ٿو،پيار جي شادي تي بھ سوال اٿاري سگھجن ٿا،مائٽن جي روين تي بھ ڪاوڙ ڪري سگھجي ٿي.سماجي جو نوحو بھ ڳائي سگھجي ٿو.پر آخر ڪار ھن ھي رياست ان جو ڏوھھ پنھنجي ذمي ڇو نٿي کڻي،جنھن سموري معاشري کي اھڙي تنگ حالت ۾ سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي،جتي عورتون جئيري ئي موت جي منھن ۾ آھن ؟

ھي واقعو ٿي گذريو آھي،جنھن بعد سموريون ڌريون متحرڪ ٿي ويون آھن،انساني حقن جو کاتو بھ پوليس بھ سرگرم ٿي وئي آھي،پر ڇا ملڪ ۾ رائج قانون ۽ ان کي لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ خود رياست اھڙي ڪا حڪمت عملي پڌري ڪري ٻڌائيندي تھ ھاڻي ڪنھن بھ ٻي عورت کي اھڙي طرح سان قتل ٿيڻ نھ ڏنو ويندو ؟ جيڪڏھن اھو سڀ ڪجهھ ممڪن نھ آھي تھ پوءِ سموري معاشري، قانون جوڙيندڙن،قانون لاڳو ڪندڙن ۽ قتل ٿيندڙ ھر عورت جي مائٽن کي ان قتل جو ذميوار سمجھيو وڃي.جيڪڏھن ھاڻي اھڙي واقعي جي وري ورجاءٌ نھ ٿيڻ جو عھد ڪجي تھ پوءِ ھر ڌر کي پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو جنھن سان ئي اسان اھڙن واقعن کي روڪڻ ۾ ڪنھن حد تائين ڪامياب ٿي سگھون ٿا.

بي صورت ۾ ھڪ عورت کي دفنائن بعد وري ٻي جو ڪنھن نھ ڪنھن اڻ ڪيل ڏوھ ۾ لاش ملندو.جڏھن بھ ڪنھن ڏوھ جي سزا لاڳاپيل ذميوار کي نٿي ملي تھ اھا سموري معاشري کي ورھائجي وڃي ٿي.جيڪو ڪجهھ ھتي ھڪ عرصي کان ٿي رھيو آھي.

ياد رکو تھ ھن وقت عورت دشمن سماج جي اڳتي وڌڻ جي لاءِ ڪو بھ رستو  نھ آھي، انڪري ھڪ عورت کي بھ مردن جيترا حق ڏئي ڪري ان جي دانھن بھ ٻڌي وڃي ۽ ان جو تدارڪ بھ ڪيو وڃي.سڌريل معاشرن جي اھا ئي نشاني ھوندي آھي.

  • فلسطين ۾ رت جي راند نه رڪجي سگھي، ان جا نتيجا دنيا ڀوڳندي!

وچ اوڀر ۾ ٻريل باھ اڃان تائين جھڪي نھ ٿي آھي.غزا تي اسرائيلي بمباري جو سلسلو 20  هين ڏينهن به جاري رهيو.ھن وقت تائين شھيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 6 هزار کان وڌي ويو آهي.

فوت ٿيلن ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون آهن. اسرائيلي جارحيت سبب زخمي ٿيل فلسطينن جو انگ 15 هزار 143 تائين ٿي ويو آهي.جڏھن تھ اٽڪل 6 لک بي گھر ٿيل فلسطيني گڏيل قومن جي مرڪزن ۾ رھڻ تي مجبور آهن .جنھن بابت گڏيل قومن موجب انھن جي سينٽرن ۾ گنجائش کان ماڻھو 4 ڀيرا وڌيڪ ماڻهو موجود آهن. جڏهن ته ايتري ئي تعداد ۾ ماڻهو روڊن تي راتيون گذارڻ تي مجبور آهن..

ھن معاملي ۾ ھن وقت تائين سموري دنيا جا ملڪ بيوس نطر اچي رھيا آھن،نھ رڳو ايترو پر گڏيل قومون پڻ ھن دنيا جي خطرناڪ رسندڙ زخم جي علاج ڪرڻ يا ان تي پھا رکڻ ۾ ڪامياب نھ پيو ٿين.

پر جيڪڏھن اھو معاملو حل نھ ٿي سگھيو تھ ان جا اثر سموري دنيا ۽ ان جي معيشت سان گڏ سماجن تي پوندو جيڪو ھر لحاظ سان خطرناڪ ھوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.