ڇا سيڪنڊ هينڊ گاڏيون سستيون ٿيون آهن؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ڪارن جي واپارين جو چوڻ آهي ته اهڙو ڪو به فارمولو ناهي جنهن سان اندازو لڳايو وڃي ته نئين ڪار جيان پراڻي ڪار جي ريٽ کي گهٽائي سگهجي ٿو يا وڌائي سگهجي ٿو.

ڪراچي جي جمشيد روڊ تي هڪ شو روم مالڪ جو چوڻ آهي ته هن وقت وچولي طبقي لاءِ ڪار خريد ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. جيڪي ننڍي 660 سي سي، 800 سي سي يا 1000 سي سي استعمال ٿيل ڪار جا خريدار هئا، اهي اڃا تائين پريشان آهن.

10-15 لک روپين جي رينج ۾ سٺي گهٽ مائلج ڪار هاڻي مارڪيٽ ۾ موجود ناهي.

هن چيو ته مارڪيٽ ۾ هن وقت 1300 ۽ 1500 سي سي جون 15 کان 20 سال پراڻيون گاڏيون 8 کان 13 لک روپين ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته ملڪ ۾ وياج جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ان ڪري بئنڪن کان ڪار ليز وٺڻ وارن جو انگ به گهٽجي ويو آهي.

مارڪيٽ ۾ ڪار خريد ڪندڙ معمول کان گهٽ آهن. پاڪستان ۾ نيون گاڏيون تيار ڪندڙ ڪمپنيون به اهو ئي اشارو ڏئي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.