نگران حڪومت جو ڪم ملڪ اندر آزادانه ۽ صاف شفاف چونڊون ڪرائي ملڪ جون واڳون چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪرڻ هوندو آهي پر هتي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته نگران حڪومت اليڪشن ڪرائڻ کان سواءِ باقي ٻيا ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺي رهي آهي.
پنجاب جي نگران حڪومت جي ڪابينه اڳوڻي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جي العريزيه ريفرنس کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. جيڪو، سماج اندر انصاف ۾ برابري ۽ قانون جي حڪمراني چاهيندڙ ماڻهن لاءِ انتهائي تعجب ۽ حيرت جوڳو عمل آهي.
ماضي قريب ۾ پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت ھئي، جيڪا تجربيڪار سياستدانن جي ٽيم هئي، پر اھي به ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا.
سوچڻ جي اها ڳالهھ آهي ته جن سببن جي ڪري عمران خان جي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ هي پراڻا سياسي تجربيڪار ۽ معاشي ماهر ميدان تي لٿا. انهن مهانگائي جي ستايل مسڪين عوام جي زخمن تي مرهم رکڻ جي بدران انهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو.
ھنن ملڪ کي آءِ ايم ايف جو غلام بڻائي معاشي طور تي تباهي ۽ بربادي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، جو بقول نگران وزير اعظم جي ته اسين آءِ ايم ايف آڏو ايترا بيوس آهيون جو بجليءَ جي بلن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ کان قاصر آهيون.
اڃان به هتي هر روز گئس ۽ بجلي سميت ٻين شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت پارليامينٽ مان اهڙا ته قانون پاس ڪرايا جن سان هينئر هي نگران حڪومت هتي پاڻ کي اڇي ڪاري جو مالڪ سمجهي رهي آهي ۽ جمھوريت جا دعويدار اڄ خود به چونڊن لاءِ رڙيون ڪري رهيا آهن پر اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا شايد ڪا ٻئي آهي، هنن کي صرف سکڻا دلاسا ملي رهيا آهن.
عوام سان ھڪ وڏو دوکو ٿي رهيو آهي، هن ملڪ جا حڪمران جڏهن اقتدار کان ٻاهر هوندا آهن تڏهن ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڳالهيون ڪندا آهن پر جڏھن اقتدار ۾ اچي ويندا آهن ته پوءِ هو عوام جي ڀلائي جا ڪم ڪرڻ کان الائي ڇا جي ڪري لاچار نظر ايندا آهن⸮
ڪالهوڪو ڏينهن آهي جڏهن عمران خان پنهنجون ٻه صوبائي حڪومتون ختم ڪري آئين موجب 90 ڏينهن اندر چونڊن جي گهر ڪئي هئي. تڏهن هي سمورا جمھوريت جا دعويدار پي ڊي ايم جا اتحادي حڪمران اقتدار جي نشي ۾ ايترو ته مخمور ٿي ويا هئا، جن اھو سمجھو پئي ته ھاڻ اسان لاءِ سياسي ميدان صاف ٿي چڪو آھي پر حقيقت ۾ پي ٽي آءِ جي اڃان سياسي سگھه مڪمل طور تي ختم ناھي ٿي، جيڪا ساڻن چونڊن ۾ چوٽي جو مقابلو ڪري سگھي ٿي .
پي ڊي ايم حڪومت 16 مهينن جي عرصي دوران ملڪي معيشت کي تباھي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو، جن مسڪين پورهيت طبقي کان هڪ ويلو ماني کائڻ جو حق به کسي ورتو. جن ماڻھن اسان کان پوءِ آزادي ورتي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ترقي جي سفر جي آزادانه طور شروعات ڪئي ۽ اڄ اهي ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪري ڪٿي وڃي پهتا آهن ۽ اسان اڄ ڪٿي پهتل آهيون⸮ ڇو ته اتان جا ادارا آزاد ۽ با اختيار آھن. قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ جي عوام لاءِ جيئڻ جا رستا ڀلا آخر ڇو ايترا سوڙها ٿي ويا آهن⸮ جو هر روز ڪٿي نه ڪٿي ماڻهو غربت ۽ بيوسي سبب خودڪشيون پيا ڪن يا وري ڪنهن نه ڪنهن قسم جو ڏوھ ڪري شھرين جي تڪليف جو ڪارڻ بڻجي رھيا آھن.
سياسي جماعتون رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش م رڌل آھن جن کان عوامي مسئلا وسري ويا آھن، جنھن مان لڳي ٿو ته حڪمران ملڪ ۽ عوام سان مخلص ناھن يا سندن ڪا ڳجهي مجبوري آهي.
هن ملڪ جي عوام جا بنيادي مسئلا ڪڏھن ۽ ڪير حل ڪندو؟
انهيءَ سوال طرف ملڪ م بهتري چاهيندڙ سمورن طبقن کي سوچڻو پوندو ۽ اسانجي حڪمرانن کي دنيا جي عظيم ليڊرن جي زندگي مان سبق حاصل ڪري پنهنجي عوام جو حقيقي خادم بڻجي اقتدار کي الله ۽ هن قوم جي ڏنل امانت سمجهي، مسڪين ۽ پورهيت طبقي جي زندگي ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ سچائي سان جستجو ڪري، رياست جي هر هڪ اداري کي آئين جو پاسدار بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي. جنھن سان ترقيءَ جي سفر جي نئين سر شروعات ٿيندي.
سياست کي ڪاروبار نه پر عبادت ۽ عوام جي امانت سمجهي پيڙهيل عوام جي خدمت ڪرڻي پوندي،جيئن سندن بنيادي مسئلا حل ٿين.
جڏهن اسين ماضي تي نظر وجهون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته هتي اسانجي ملڪ ۾ اشرافيه ڪهڙي ريت اقتدار سنڀالي ٿي ۽ پوءِ وري اها عوامي حڪومت هجڻ جون دعوائون ته ڪندي آهي پر انهن جي عمل ۽ فيصلن ۾ اها عوامي جهلڪ بلڪل به نظر نه ايندي آهي.
ملڪ جو باشعور طبقو اهو سوال پڇي ٿو ته آخرڪار هن ملڪ ۾ هي راند ڪڏهن بند ٿيندي جو ڪالهه جن کي ڏوھاري سمجهي انهن جي خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪري سندن ملڪيتن جي نيلامي جا اشتهار لڳايا ويا ۽ اڄ انھن کي معاف ڪيو پيو وڃي.
ٻئي طرف لڳ ڀڳ 2 سال اڳ جن کي هن ملڪ جو هيرو بڻايو ويو انهن مٿان لڳ ڀڳ 180 ڪيس داخل ڪري کين جيلن ۾ وڌو ويو آھي آخر اھو تماشو ڪڏھن بند ٿيندو ۽ حقيقي مسئلن ڏانھن ڪڏھن ڌيان ڏنو ويندو .
سياسي جماعتون رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش م رڌل آھن جن کان عوامي مسئلا وسري ويا آھن، جنھن مان لڳي ٿو ته حڪمران ملڪ ۽ عوام سان مخلص ناھن يا سندن ڪا ڳجهي مجبوري آهي.هن ملڪ جي عوام جا بنيادي مسئلا ڪڏھن ۽ ڪير حل ڪندو؟