اِشتياق انصاريءَ جو ھي ڪتاب سال 2021ع ۾ ” انيس انصاري اڪيڊمي“ ڇپائي پڌرو ڪيو. ھڪ سئو چوٽيهھ صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب ۾ ڪُل چوڏھن عدد ڪھاڻيون شامل آھن.
ڪھاڻين جي ھن ڪتاب جو مھاڳ اشفاق انصاري صاحب لکيو آھي، جنھن ۾ ھن اِشتياق انصاريءَ کي ” ادب جي دنيا جو کاھوڙي ڪھاڻيڪار“ قرار ڏيندي چيو آھي ته؛ ” اشتياق پنھنجي ڪھاڻين ۾ ٻولي سادي ، عام استعمال واري ، موقعي جي مناسبت سان ۽ ڪھاڻي جي ڪردار جي مطابقت سان استعمال ڪئي آھي. ھي سندس ڪھاڻين جي سلسلي جي پھرئين ڪوشش آھي ، پر اھو چوڻ کان سواءِ رھي نه ٿو سگھجي ته اعليٰ ۽ بھترين ڪوشش آھي“
محترما شبنم گُل ؛ اِشتياق انصاريءَ جي ڪھاڻين کي ”دور جي مسئلن جي اُپٽارَ ڪندڙ ڪھاڻيون“ ، چيو آھي. ھن پھريان ته سندس مڪمل تعارف ڪرايو آھي ، پوءِ پڙھندڙ کي سندس ڪتابن ۽ ڪم بابت ٻڌايو اٿس. پوءِ ھن سنڌي ادب ۽ ڪھاڻين بابت ڳالھائيندي ڪھاڻيءَ جي گھاڙيٽي ۽ مُک حصن تي مختصر طور لکيو آھي. تنھن کان پوءِ ھن اِشتياق انصاريءَ جي ڪھاڻين منجھان ڪجھه اقتباس ڏيئي انھن تي پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو آھي. آخر ۾ شبنم گُل لکيو آھي ته ؛”ڪھاڻيڪار جي ٻوليءَ ۾ نِج پِڻو ملي ٿو، جيڪو سُٺو سَنوڻ آھي، لفظن جي وَرجاءَ بدران متبادل لفظ استعمال ڪيا ويا آھن جيڪي ڪردارن جي ڪِرت ، طبقي ۽ نفسيات مطابق محسوس ٿين ٿا. ڪٿي وري مَتروڪ لفظ به نظر اچن ٿا جيڪي اڄ ڪلھه استعمال ۾ نه رھيا آھن.“
جڏھن ته ھن ڪتاب جي ”بيڪ ٽائيٽل“ تي سائين عزيز رانجھاڻي صاحب لکيو آھي ته ؛ ”سنڌ ۾ ڪھاڻي ۽ ڪھاڻيڪارن جو ڪردار ، مزاحمت ۽ حقن لاءِ جھيڙيندو رھيو آھي، اِشتياق انصاري جي ڪھاڻين ۾ ڌرتيءَ جي سُورن ، عام ماڻھو جي مسئلن جا عڪس ۽ جذبا نمايان آھن“.
ھن ڪتاب جي پھرئين ڪھاڻي جو عُنوان ؛ ”فخر“ آھي ، جنھن ۾ ليکڪ ھڪ مُھم جُو جوڙي جي پريم ڪھاڻي ڏاڍي دلچسپ ۽ پيرائتي نموني بيان ڪئي آھي. ھڪ جاپاني ناري ھڪ سنڌي ڇوڪرَي سان پيار جي پيچ ۾ پوئجي وڃي ٿي ، پر آخر ۾ ڪنھن ڳالھه جي ڪري ساڻس رُسي وڃي ٿي. ٻي ڪھاڻي جو نالو ؛ ” بابل اِسلام “ آھي. ھن ڪھاڻي ۾ دوستن جي ھڪ گروپ کي ، رمضان جي مھيني ۾ ھڪ ھنڌ ڪجھه کائيندي پيئندي ڏيکاريو ويو آھي ، جتي پوليس اچي وڃي ٿي ۽ سڀني کي مارَ ڪُٽَ ڪري ٿي، انھن ۾ طاھر نالي ھڪ شخص به شامل ھوندو آھي ، جنھن جو تازو دِل جو آپريشن ٿيل ھوندو آھي ، پوليس وارا ان کي به لتون ھڻن ٿا ۽ تشدد ڪن ٿا. ٽئين ڪھاڻي جو عُنوان ؛ ”اوسيئڙو“ آھي. ھن ڪھاڻي ۾ ھڪ مَھا ٻوڏ جو پَسمنظر ڏيکاريو ويو آھي، جنھن ۾ ھڪ پيءُ پنھنجي پُٽ کي ٻيڙيءَ ذريعي درياھ پار ڪرائي کُٿابَ تائين پھچائي ٿو ، پر واپسي ۾ سندس ٻيڙي درياھ ۾ ٻُڏي وڃي ٿي ۽ ھو مري وڃي ٿو. چوٿين ڪھاڻي ” ڌِڪارَ “ آھي ، جنھن ۾ ليکڪ ھڪ انجنيئر جي ڪِرت ۽ ڪمَ جي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ، ھڪ ننڍي عمر جي مزدور جي وارتا بيان ڪئي آھي ، جنھن کي پڙھڻ جو شوق ته ھوندو آھي ، پر وٽس پيسا نه ھوندا آھن. انجنيئر سندس ڪجهھ مدد ڪندو آھي ۽ کيس ڪتابَ پڻ ڏيندو آھي. ھو کيس وڌيڪ پڙھڻ لاءِ مدد ڪرڻ جو آسرو پڻ ڏيندو آھي، پر انجنيئر جي بدلي ٿي وڃڻ ڪري بعد ۾ سندس رابطو ان مزدور”اختر“ سان ختم ٿي ويندو آھي ۽ مصروف زندگي جي ڪري ھو کانئس وِسري به ويندو آھي. پويان اختر سان ھڪ حادثو پيش ايندو آھي، جنھن ۾ ھو معذور ٿي ويندو آھي. گھڻي عرصي کان پوءِ جڏھن انجنيئر کيس ھڪ جاءِ تي پِنندي ڏسي ٿو ته حيران ٿي وڃي ٿو، پر ان وقت اھو معذور بڻيل ”اختر“ کيس ڌِڪارَ وچان ڏسي ھليو وڃي ٿو. پنجين ڪھاڻي ؛ ”دُکم“ آھي. ھن ۾ ليکڪ ھڪ سياح کي راڌاپور ۾ گھمندي ڦرندي ڏيکاريو آھي ، جتي ھو گوتم ٻُڌ جي مورتي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيا ماڳ مڪان گھمي ٿو، پر ان سان گڏ ھو موج مستي ۽ رومانس ڪندي پڻ ڏيکاريو ويو آھي. ان کان پوءِ ڇھين ڪھاڻي ”رَنڀَ“ آھي جنھن ۾ ھڪ غريب ۽ فروٽ جي گھورَ ڪرڻ واري ڪَرمون جي وارتا بيان ٿيل آھي.
ھن ڪھاڻي ۾ ڪامريڊَ سندس پُٽ ”نبن“ کي مار ڏين ٿا. ڪھاڻي گھڻ رُخي ۽ دلچسپ آھي. ستين ڪھاڻي؛ ”لوٿ“ آھي ، جيڪا جيل جي پس منظر ۾ لکيل آھي. اٺين ڪھاڻي؛ ”ڍونڍ“ آھي؛ جنھن ۾ وڏيرا شاھي سوچ ۽ عياش پرستي ڏيکاريل آھي ۽ وڏيرن پاران غريب ھارين تي ٿيندڙ بي انتھا ظلم پڻ ھن ڪھاڻي ذريعي پيش ڪيل آھي. نائين ڪھاڻي جو عُنوان ” آدرش“ آھي ، جنھن ۾ ھڪ نوجوان ۽ خوبصورت جوڙي کي ” نلتر واديءَ“ ۾ سياحت ڪندي ڏيکاريو ويو آھي. ڪھاڻي جي آخر ۾ ھڪ حادثو پيش اچي ٿو ، جنھن ۾ ڇوڪري مري وڃي ٿي.
ڏھين ڪھاڻي ؛ ”ڪامريڊ“ آھي، جيڪا موضوع وانگر ڪامريڊن جي زندگين جو عڪس پيش ڪري ٿي، ھن جو اختتام به ڇرڪائيندڙ آھي جنھن ۾ ھڪ ڪامريڊ جو لاش ملي ٿو!. يارھين ڪھاڻي جو عنوان ”ھائوز دٽ“ آھي ، جنھن ۾ ھڪ شاگرد کي ڪرڪيٽ جي جنون ۾ مبتلا ڏيکاريو ويو آھي. ٻارھين ڪھاڻي ؛ ”ھرڻ اکي“ آھي جنھن ۾ رومانس ۽ اندر جي اُڌمن کي لفظن جو روپ ڏنو ويو آھي. تيرھين ڪھاڻي ؛ ”ھيڙو“ آھي ، جنھن ۾ ھڪ ويڳي ٻارَ جي درد ڪٿا بيان ڪيل آھي، جڏھن ته چوڏھين ۽ آخري ڪھاڻي جو عنوان ؛ ”اولاد“ آھي. ھي ڪھاڻي به ٻوڏ جي پس منظر ۾ لکيل آھي ۽ ڪتاب ۾ شامل ٻين ڪھاڻين جِيان اِحساسن، خوبصورت منظر نِگاري ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن سان ڀرپور آھي.