27 آڪٽوبر: پهرين مارشل لا جو ڏهاڙو !

تحرير: غلام حسين لغاري

ملڪ ۾ مارشل لڳڻ ۽ جمهوريت کي ڪمزور بڻائڻ واري ابتدا تڏهن ٿي جڏهن 27 آڪٽوبر 1958 تي فيلڊ مارشل جو لقب ماڻيندڙ پهرين آرمي چيف جنرل محمد ايوب خان سول حڪومت جو خاتمو آڻي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون. سول حڪومت جو سربراهه صدر اسڪندر مرزا هو جيڪو ايراني نسل جو هو جنهن کي ملڪ ڇڏڻو پيو ۽ هُن لنڊن جلاوطني اختيار ڪئي  جتان وري ڏيهه واپس نه وريو اتي هڪ هوٽل تي پنهنجو پيٽ پاليندو رهيو.

ملڪ اندر عوامي سطح ۽ ڪرپٽ ڪامورن وڏيرن جاگيردارن ڪامورن ۾ هڪ قسم جو ڏهڪاءُ پيدا ٿيل هو جن جي گهڻائي سياست کان ڪناره ڪشي ڪئي يا وري زير زمين هليا ويا. جن وڏيرن زبردستي عورتون اغوا ڪري پاڻ وٽ ويهاريون هيون سي ٻارڙن سميت والدين کي واپس موٽي مليون. اناج جا لڪايل ذخيرا ظاهر ٿيا گهڻن ته اهي درياه ۾ اڇلائي ڇڏيا يا وري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيا. هن مارشلا کي انقلاب جو نالو ڏنو ويو. هي مارشلا پاڪستان ٺهڻ جي ڏهن سالن بعد تڏهن لڳي جو ڪو به سياسي سول حڪمران ڇهه ٻارنهن مهينا مس حڪومت هلائي سگهندو هو. صدر اسڪندر مرزا به بنيادي طور هڪ فوجي هو پر سول حڪمران طور مڙهيو ويو هو جيڪو به ڪمزور طور سامهون آيو ۽ هن ئي فوج کي دعوت ڏئي آڪٽوبر 1958ع  جي پهرين هفتي ۾ خود ئي ايوب خان هٿان مارشل لا لڳائي جو بعد ۾ جنرل محمد ايوب انقلاب آڻي خود ئي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو جنهن 56 واري آئين کي هڪ ڌڪ سان ختم ڪري ڇڏيو ملڪ مارشل لا ضابطن تحت هليو.  چئن سالن بعد 62 ۾ ملڪ کي پنهنجو آئين مليو. 1958 جي انقلاب جو اهو نتيجو نڪتو جو سياستدانن جي سياسي سرگرمين تي بندش رهي گهڻن تي ايبڊو لاڳو ٿيو جن ۾ سنڌ مان محمد ايوب کهڙو به شامل هو. جڏهن عالمي سطح تي مارشل لا جي سخت مخالفت ٿي ۽ مالي امداد جا رستا بند ٿيڻ لڳا ته هن پهريان پاڻ کي مارشل لا جي ضابطي هيٺ پاڻمرادو  صدر بڻايو ۽ بنيادي جمهوريت جو ڍانچو ملڪ کي ڏنو جنهن تحت چونڊون ٿيون شهرن ڳوٺن ۾ وارڊ ۽ يونين جو وجود آڻي چونڊون ڪرايون جنهن ۾ اڻ پڙهيل به ميمبر ۽ چيئرمن چونڊيا ويا جن مقامي سطح تي ملڪ جو وهنوار هلايو جن اڳتي هلي جنرل محمد ايوب خان کي سڌي ريت ملڪ جو صدر چونڊيو. هنن چونڊن ۾ قائداعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح کي هارايو ويو هو جنهن بعد سندس خلاف عوامي تحريڪ هلي. ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو سندس سڄو هٿ هو تنهن به 65 واري جنگ ۽ فاطمه جناح جي چونڊن ۾ شڪست بعد پرڏيهي وزارت تان استعيفيٰ ڏئي عوامي تحريڪ جو حصو بڻيو رٽائرڊ اصغر خان به ڀٽو جي گرفتاري بعد ايوب مخالف تحريڪ کي اڳتي وڌايو ۽ پنهنجي الڳ پارٽي تحريڪ استقلال پاڪستان جو بنياد وڌو جڏهن ته ذوالفقار ڀٽو پ پ پ جو بنياد وجهي چڪو هو. هنن ٻنهي پارٽين جي تحريڪ زور ورتو جنهن ايوب خان کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو.

1962 ۾ قانون سازاسيمبلي جو  وجود آيو جنهن ۾ اهي وڏيرا چوڌري چونڊجي اتي پهتا جن کي ايوب خان جو آشيرواد حاصل هو. پهريون ڀيرو وڏيرن ۽ چوڌرين ۾ ساهه پيو جن ڪرپشن ۽ ڏوهن جا در کولي ڇڏيا ۽ هنن جو ڌاڪو رهيو جو انوقت جو گورنر نواب آف ڪالا باغ ملڪ امير محمد خان هو جنهن لاءِ مشهور ٿيو ته پردي پويان نواب ئي هن ملڪ جو اصل حڪمران آهي. ايوب جي دور حڪومت ۾ ملڪ جي گادي وارو هنڌ ڪراچي مان اسلام آباد کڄي ويو جيڪو ملڪ جي اشرافيه لاءِ خاص ڪري ٺهيو هو. ٻي ڳالهه اها هئي جو اسلام آباد پنڊي کي به ويجهو خوشگوار آبهوا ۽ کليل علائقو هو. ايوب خان جي دور ۾ سياستدانن جي تربيت ۽ پرورش ايوب خان جي آمراڻه ذهنيت هيٺ رهي جن به ايوب واري آمراڻه ذهنيت جي آبياري ڪئي ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ بدران ڪمزور ڪيو. هن وقت به ايوب دور ۽ ٻين آمرن جو تسلسل هلندو پيو اچي اقتدار جي حصول لاءِ رسا ڪشي هجڻ ڪري ملڪ معاشي طور ڪمزور ۽ تباهه ٿي چڪو آهي.

قوم ايوب خان کي هڪ آمر طور سڃاڻي ٿي انتي تنقيد ڪري ٿي ان ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي جو سنڌ تي ان دور ۾ پنجاب ۽ هندستان مان آيل مهاجرن کي وڏي اهميت مليل هئي اهي ئي حڪمران نظر ايندا هئا پر ان دور ۾ سرڪاري نوڪريون ميرٽ تي ملنديون هيون ۽ بنا ڪنهن سفارش ۽ ڏيتي ليتي جي. سرڪاري آفيس ۽ عدالتن ۾ انصاف ملندو هو رشوت جو انگ گهٽ هو ايئن نه هو جو هن وقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن به نوڪريون لکن ۾ پئي وڪرو ڪري. ايوب هجي يا ضياء الحق ۽ مشرف سندن هٿ مضبوط ڪرڻ وارا ڪير به ڌاريا ناهن ۽ اسانجا وڏيرا چوڌري خان نواب ۽ سردار آهن جيڪي سندن ارگرد گهمندا نظر ايندا. جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪو آئين ۽ قانون هجي ها ته روپوشن ۽ سزا يافتن کي سرينڊر ٿيڻ کان اڳ رياستي پروٽوڪول ۽ قرب نه ملي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.