راشد محمود سومرو کان سوال ڪندڙ پوليس اهلڪار گرفتار ۽ آزاد

دادو (ڊ ر) دادو ۾ جلسي دوران جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو کان سوال ڪندڙ پوليس اهلڪار معطل ٿي ويو، سوال ڪندڙ اهلڪار  منظور پنهور کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو، پوليس اهلڪار منظور جي يو آءِ اڳواڻ کان سوال ڪيو ته سڀاڻي پ پ سان اتحاد ته نه ڪندئو؟ توهان اڳ به پ پ جا اتحادي رهيا آهيو، توهان جي حڪومت ۾ پيٽرول ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿيون، راشد محمود سومرو ڪارڪنن کي پوليس اهلڪار کي پَٽ تي ويهارڻ لاءِ چيو، راشد محمود سومرو چيو ته ايس ايس پي ۽ آءِ جي کان پڇان ٿو ته توهان جي اهلڪار کي منهنجو جلسو ڦٽائڻ لاءِ ڪنهن موڪليو آهي، توهان کي پئسا ڏئي هتي ڪنهن موڪليو آهي، اوهان کي جنهن موڪليو آهي انهن کي چئو ته هتي اچن ته مان انهن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندس، ٻئي پاسي پوليس اهلڪار کي آزاد ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي دادو جي ترجمان جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار منظور پنهور ذاتي حيثيت ۾ سادن ڪپڙن ۾ جي يو آءِ جي جلسي ۾ ويو هو،  پوليس اهلڪار کي آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس اهلڪار طرفان راشد محمود سومرو کان سوال ڪرڻ بعد رويي ۽ پوليس اهلڪار جي گرفتاري تي سوشل ميڊيا تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو ويو آهي، راشد محمود سومرو جي رويي مٿان تنقيد ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.