اڄ کان 76 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت پنهنجي فوج ڪشمير جي سرزمين تي لاٿي ھئي. ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڀارت هر روز ڪشميرين تي ظلم ۽ جبر جون نيون ڪهاڻيون لکيون آهن. انهن ستن ڏهاڪن ۾ ڪشميرين کي بدترين رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو، پر ڪشميرين ظلم ۽ جبر آڏو پنھنجو سر نه جهڪايو، پر ڀارتي فوج جي ظلم ۽ جبر جي سامهون ثابت قدم رهيا، هندستان جي مهاراجا حڪومت پاڪستان سان ھڪ معاهدو ڪيو.جنهن جي تحت رياست ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ جيڪي انتظام ھئا ،اھي ئي رياست ۽ پاڪستان جي وچ ۾ برقرار رکيا ويا. هن معاهدي جي آڇ هندستان کي بھ ڪئي وئي پر ان جواب نه ڏنو ھو.
جڏهن پاڪستان ان تي راضي ٿي ويو تھ ان سان ڪشمير جا دفاعي، پوسٽل ۽ ڪرنسي جا معاملا پاڪستان جي حوالي ٿي ويا.
مهاراجا اڳ ۾ ئي رياست اندر پنھنجي خلاف ھڪ تحريڪ کي منھن ڏئي رهيو هو. جيمس ڊي باهولي پنھنجي ھڪ مضمون جيڪو ”ڊڪسن جرنل آف انٽرنيشنل لا“ ۾ شايع ٿيو ھو.ان مضمون ۾ لکيو ھو، ته لارڊ مائونٽ بيٽن مهاراجا کي لکيل خط ۾ چيو ھو ته ڪشمير مان باغين کي نيڪالي ڏيڻ کانپوءِ جيئن ئي حالتون معمول تي اينديون ته هتي جو مسئلو عوام جي مرضي موجب حل ڪيو ويندو.2 نومبر 1947ع تي ريڊيو تي ڳالهائيندي ڀارتي وزيراعظم جواهر لعل نهرو به چيو هو ته ڪشمير جو مسئلو ڪشميرين جي مرضي موجب حل ڪيو ويندو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي تھ 27 آڪٽوبر 1947ع تي هندستان غيرقانوني طور تي ڪشمير تي قبضو ڪري پنھنجي ھڪ ھٽي قائم ڪري ورتي ھئي.ان ڪري اڳتي هلي 5 آگسٽ 2019ع تي ھندستان اڳتي وڌندي پنهنجو آئين تبديل ڪري هن تڪراري علائقي جي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي .جنھن مسلمان آبادي کي هندو آباديءَ کان گهٽائڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.ڊوميسائيل قانون موجب ڀارتي حڪومت 41.05 لک ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ پنھنجي مرضي جا جاري ڇڏيا آهن ته جيئن خطي جي مسلمان اڪثريت کي هندو اڪثريت ۾ تبديل ڪري سگهجي. 1991ع کان وٺي ڪشمير ۾ اٽڪل 9 لک ڀارتي فوجي موجود آهن، آمريڪا جي ھڪ ميگزين جي رپورٽ موجب ڪشمير ۾ ڊاڪٽر جي شرح ھڪ ڊاڪٽر 3060 مريضن لاءِ آهن. جڏهن ته سپاهين جي تناسب سان 7 ڪشميرين لاءِ هڪ سپاهي آهي.
تازو شايع ٿيل هڪ ڊوزيئر موجب والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران 96 هزار عدالت کان مٿاھان قتل. اٽڪل هڪ لک 62 ھزار ماڻهن جي غيرقانوني گرفتارين ۽مٿن تشدد،جنھن ۾ گھڻا ماڻھو پيلٽ گنز سان زخمي ٿيا آھن. جڏھن تھ 23 ھزار عورتون بيواهه ٿي چڪيون آھن ۽ هڪ لک 80 ھزار ٻار يتيم ٿي ويا آھن. ڀارت جي هن هندوتوا حڪومت والاريل ڪشمير ۾ ڄاڻ جا ذريعا به بند ڪري ڇڏيا آهن. ڪشميرين کي سوشل ميڊيا توڙي انٽرنيٽ جي سهولت حاصل نھ آھي.
هڪ ٻي رپورٽ موجب والاريل ڪشمير ۾ 2017 کان وٺي فيس بڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام ۽ ٻئي ميڊيا تي ڪشمير سان لاڳاپيل ڪو بھ مواد شايع يا نشر ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 129 ملڪن ۾ ڀارت سڀ کان وڌيڪ انٽرنيٽ بلاڪ ڪرڻ وارو ملڪ آهي.
يو اين ايڇ سي ايڇ آر جي ٽن سالن جي انگن اکرن موجب ڀارتي فوج ڪشمير ۾ گهٽ ۾ گهٽ 782 آپريشن ڪيا، جن ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي ڀڃڪڙين سان گڏ 802 عام ماڻهن جي ملڪيتن کي به تباهه ڪيو ويو.اھا تباهي Covid-19 لاڪ ڊائون دوران ڪئي وئي.
سرينگر جي هڪ واپاري اداري ٻڌايو آهي ته مقامي واپارين کي صرف 11 مهينن ۾ لاڪ ڊائون سبب 70,000 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو. ايمنسٽي انٽرنيشنل (A1) جي 2011 جي رپورٽ موجب سوين ڪشميرين کي بنا ڪنهن ڏوهه جي جيلن ۾ وڌو ويو آهي.گھڻن گم ٿيل ماڻھن جي لاءِ اھو چيو وڃي ٿو ته انھن کي ماري دفن ڪيو ويو آھي. اتي جي ماڻهن تي تشدد جو هڪ طريقو انهن جي عورتن سان زيادتي آهي، جيڪا روزانو وڏي پيماني تي ڀارتي فوج پاران ڪئي وڃي ٿي.
آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي انگن اکرن موجب ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 1989 کان وٺي 11 هزار 144 عورتن سان زيادتي ڪئي وئي. اهي انگ اکر دنيا جي ڪنهن به تڪراري خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، ڪشميرين جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڀارتي فوج اٽڪل 500 جي لڳ ڀڳ اهم ڪشميري اڳواڻن کي جيلن يا گهرن ۾ نظربند ڪري ڇڏيو آهي. انهن اڳواڻن کي ڪابه سهولت فراهم نه ڪئي وئي آھي.ايستائين جو سندن بيماريءَ جي صورت ۾ کين ڊاڪٽرن تائين پھچڻ جي اجازت نھ ڏني وئي آھي. تازو ئي مشهور ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي وفات تي سندس خاندان کي سندس وصيت موجب دفن ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي.
اها ڀارت جي خام خيالي آهي ته هو ڪشميري مجاهدن جي 74 سالن جي آزاديءَ واري جدوجهد کي ”دهشتگردي“ چئي روڪي سگھندو.ھي جدوجھد ايندڙ ڏينھن ۾ برهان واني ۽ رياض نيڪو جهڙن نوجوانن جي شهادت سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، ڀارت خود رياستي دهشتگردي جو مجرم ٿي رھيو آهي. عدالت کان مٿاھان قتل، عورتن جي بي حرمتي، جبري گمشدگي، ملڪيتن جي تباهي، اڳواڻن جي گرفتارين ۽ پيلٽ گنز جو استعمال بھ ڪشميرين کي انھن جي آزادي جي جدوجهد تان ھٽائي نٿا سگھن.
ڪشمير پاڪستان جي شھ رڳ آھي جيڪو جسم جو انتھائي اھم حصو آھي.
جنھن کي ڪنھن بھ صورت انکان الڳ نٿو ڪري سگهجي.پاڪستان دنيا جي هر فورم تي واضح ڪري چڪو آهي ته ڪشمير اسان جو حصو آھي ۽ پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي، اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ ڪشميرين جي مڪمل آزادي تائين اهو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
هڪ ٻي رپورٽ موجب والاريل ڪشمير ۾ 2017 کان وٺي فيس بڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام ۽ ٻئي ميڊيا تي ڪشمير سان لاڳاپيل ڪو بھ مواد شايع يا نشر ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 129 ملڪن ۾ ڀارت سڀ کان وڌيڪ انٽرنيٽ بلاڪ ڪرڻ وارو ملڪ آهي. يو اين ايڇ سي ايڇ آر جي ٽن سالن جي انگن اکرن موجب ڀارتي فوج ڪشمير ۾ گهٽ ۾ گهٽ 782 آپريشن ڪيا، جن ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي ڀڃڪڙين سان گڏ 802 عام ماڻهن جي ملڪيتن کي به تباهه ڪيو ويو.اھا تباهي Covid-19 لاڪ ڊائون دوران ڪئي وئي.